هڪ هفتي اندر صوبائي ڪابينا ۾ تبديلي ٿي سگهي ٿي: شوڪت يوسفزئي

پشاور ( ويب ڊيسڪ ) ڪي پي جي اطلاعات واري وزير شوڪت يوسفزئي چيو آهي ته 8 کان 10 ڏينهن اندر صوبائي ڪابينا ۾ تبديلي ٿي سگهي ٿي.  هڪ بيان ۾ محمود خان چيو ته صوبي جو بااختيار وڏو وزير آهي جيڪو سمورا فيصلا ڪندو آهي، هو گهٽ ڳالهائيندڙ ۽ ايماندار ماڻهو آهي. هن چيو ته  وزيراعظم عمران خان کي محمود خان تي اعتماد آهي ۽ سندس ڪارڪردگي تي باقي ٽن صوبن جي وڏن وزيرن کان بهتر آهي. سندس چوڻ هو ته حڪومت ۾ اختلافن جي ڳالهين ۾ ڪابه حقيقت ناهي، وڏي وزير جي اختيارن ۾ ڪو به مداخلت نه ٿو ڪري سگهي، هو سموري صوبي تي ڌيان ڏئي رهيو آهي، سندس ذات تي ڪير به آڱر کڻي نه ٿو سگهي.  صوبائي اطلاعت واري وزير چيو ته محمود خان سمورن وزيرن جي ڪارڪردگي جي نگراني ڪري رهيو آهي، 8 کان 10 ڏينهن ۾ صوبائي ڪابينا ۾ تبديلي ٿي سگهي ٿي، ان جو سادو فارمولو آهي ته ڪارڪردگي ڏيکاريندڙ ئي ڪابينا ۾ رهندا ۽ جنهن وزير جي ڪارڪردگي نه هوندو اهو گهر ويندو.

Leave A Reply

Your email address will not be published.