سنڌ ڪابينا ٿر ڪول فيلڊ ۽ گوڙاڻو ڊيم جي متاثرن کي معاوضو ڏيڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي

ڪراچي( ويب ڊيسڪ ) سنڌ ڪابينا ٿر ڪول فيلڊ ۽ گوڙاڻو ڊيم جي متاثرن کي معاوضو ڏيڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي. سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ اجلاس ٿيو اجلاس ۾ بجيٽ جي حڪمت عملي تي غور ويچار ڪيو ويو.  سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته وفاق طرفان 9 مهينن ۾ 369 ارب رپيه گهٽ آيا، وفاق کان 669 ارب ملڻا هئا پر 411 ارب ئي ملي سگهيا، وفاق کان گهٽ فنڊ ملندا رهيا ته  اهي فنڊ پگهارن ۾ ئي پورا ٿي ويندا، ان حساب سان ترقياتي ڪم ڪرائڻ ڏکيو ٿي ويندو. اجلاس ۾ پاڪستان ڪلارڪ ايسوسيئيشن جي چارٽر تي به غور ڪيو ويو، مفتي تقي عثماني تي حملي ۾ شهيد ماڻهن لاءِ امداد جي منظوري، سنڌ ايڪسپلوزو ايڪٽ 2019 جي منظوري ۽ ڪمند جو اگهه مقرر ڪرڻ به اجلاس جي ايجنڊا جو حصو آهي.  مفتي تقي عثماني تي حملي ۾ شهيد پوليس ڪانسٽيبل فاروق جي گهر وارن لاءِ هڪ ڪروڙ رپيه امداد، 2 نوڪريون ۽ پلاٽ ڏيڻ جي به منظوري ڏني وئي. شهيد اهلڪار جي ستن ٻارڙن مان ٽي نابين آهن جن جي علاج جي به منظوري ڏني وئي.  اجلاس ۾ عارضي پيرول تي قيدين جي اختيارن جي آزادي جا اختيار گهرو سيڪريٽري حوالي ڪيا ويا، پيرول تي قيدين جا آزادي جا اختيار پهرين حڪومت وٽ هئا، بي ڪلاس جي سهولت جو اختيار به گهرو سيڪريٽري حوالي ڪيو ويو. صوبائي ڪابينا جي اجلاس ۾ ٿرڪول فيلڊ ۽ گوڙاڻو ڊيم جي متاثرن کي به معاوضو ڏيڻ جي منظوري ڏني وئي. ڄاڻايل علائقن جي متاثرن جو تعداد 575 آهي ۽ هر خاندان کي هڪ هڪ لک رپيه سالياني امداد ڏني ويندي.

Leave A Reply

Your email address will not be published.