ايل اين جي ڪيس: شاهد خاقان عباسي نيب ۾ بيان قلمبند ڪرائي ڇڏيو

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) اڳوڻي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي ايل اين جي ڪيس ۾ نيب وٽ بيان قلمبند ڪرائي ڇڏيو.  ايل اين جي ڪيس ۾ مسلم ليگ ن اڳواڻ ۽ اڳوڻو وزيراعظم  شاهد خاقان عباسي نيب روالپنڊي آفيس ۾ گڏيل جاچ ٽيم اڳيان پيش ٿيو.  شاهد خاقان عباسي نيب طرفان ڏنل سوالن جا جواب جاچ آفيسرن وٽ جمع ڪرائي ڇڏيا.  ذريعن موجب  نيب سوالن ۾ شامل اڪثر سوالن جا جواب شاهد خاقان عباسي پهريون ئي جمع ڪرائي چڪو آهي جن سوالن جي جواب لاءِ سرڪاري رڪارڊ گهربل هو، ان سوالن جا جواب رڪارڊ ملڻ بعد تيار ڪيا ويا.  روانگي کان اڳ پيشيءَ جي موقعي تي صحافي سوال ڪيو ته اڄ جلد واپسي ٿي وئي، خوش آهيو جي جواب ۾ شاهد خاقان عباسي چيو ته توهان کي مايوسي ته نه ٿي آهي. صحافي جي هڪ سوال سمورن سوالن جا جواب ڏئي ڇڏيا آهن جي جواب ۾ شاهد خاقان عباسي چيو ته سوالن جا جواب ته هڪ ئي ذات ڏيندي آهي، جڏهن گهرائيندا ته اچي ويندس.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.