اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) وزيراعظم عمران خان اڄ چئن ڏينهن جي دوري تي چين روانو ٿي رهيو آهي. وزيراعظم عمران خان اڄ چئن ڏينهن جي دوري تي چين روانو ٿيندو. چين جي دوري ۾ اهم تبديليون ڪيون ويون ۽ نئون شيڊول تيار ڪيو ويو آهي. وزيراعظم 25 کان 29 اپريل تائين چين جو دورو ڪندو. ناڻي وارو صلاحڪار حفيظ شيخ، ريلوي وارو وزير شيخ رشيد، پاڻي وسيلن وارو وزير فيصل واوڊا، علي زيدي، رزاق دائود، خسرو بختيار ۽ زلفي بخاري به ساڻس گڏ هوندا. وزيراعظم عمران خان خاص جهاز ذريعي بيجنگ روانو ٿيندو. عمران خان بيلٽ اينڊ روڊ فورم جي افتتاحي تقريب ۾ پاڪستان جي نمائندگي ڪندو، چيني صدر شي جن پنگ تقريب کي مرڪزي خطاب ڪندو. فورم جي ٻئي سيشن کي وزيراعظم عمران خان خطاب ڪندو. فورم ۾ 40 ملڪن جا اڳواڻ ۽ 100 کان وڌيڪ ملڪن، عالمي ادارن ۽ ڪارپوريٽ سيڪٽر جا وفد شرڪت ڪندا. وزيراعظم جي آفيشل ملاقاتن جو سلسلو 26 اپريل کان شروع ٿيندو. عمران خان جون ورلڊ بئنڪ جي سي اي او ڪرسٽيالينا جارجيوا ۽ آءِ ايم ايف ايم ڊي ڪرسٽيالو گارڊ سان به اهم ملاقات طئي آهي، آءِ ايم ايف ايم ڊي سان ملاقات 26 اپريل تي شام جو پنج وڳي شيڊول آهي.