سرينگر ( ويب ڊيسڪ ) والاريل ڪشمير جي ضلعي اننت ناگ ۾ ڀارتي فورسز جي فائرنگ جي نتيجي ۾ وڌيڪ 2 ڪشميري نوجوان شهيد ٿي ويا. والاريل ڪشمير جي ضلعي اننت ناگ ۾ ڀارتي فورسز هڪ ٻيهر اڳرائي جو مظاهرو ڪندي فائرنگ ڪئي جنهن جي نتيجي ۾ 2 ڪشميري شهيد ٿي ويا. ڪشمير ميديا سروس موجب گهر گهر تلاشي جي آر ۾ ڀارتي فورسز ڪشميرين کي هيسائڻ ۾ مصروف آهن. ٻئي طرف ٻن نوجوانن جي شهادت کانپوءِ والاريل ڪشمير ۾ شٽر بند هڙتال ڪئي وئي آهي ۽ انٽرنيٽ سروس معطل ڪئي وئي آهي.