*سن ۾ ايس يو پي پاران عظيم صوفي ۽ عالم سائين جي ايم جي ورسي جي حوالي سان تقريبون گذريل رات کان ئي جاري آهن.
رات صوفياڻي راڳ جي محفل ٿي جڏهن ته سنڌي ۽ اردو مشاعرو پڻ ٿيو جنهن ۾ ناميارن صوفي راڳين سر وکيريا جڏهن ته شاعرن به پاڻ ملهائي خوب داد ماڻيو.
ان موقعي تي تقريب کي خطاب ڪندي ايس يو پي جي سربراهه سيد جلال محمود شاهه چيو ته سنڌ جي حالتن ۾ ٽڪراءُ جي ڪوشش ڪري سياسي مفادحاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي، جنهن ۾ اردو سنڌي معاشرو ڪرائڻ بهتر عمل هوندو.
پروفيسر ڊاڪٽر مشتاق ميراڻي چيو ٿ سائين جي ايم سيد کي پڙھڻ ۽ سمجهڻ جي سخت ضرورت آھي
دانشور راز سعيد چيو ت سيد سڄي دنيا سان محبت ڪئي قلمي پورهئي سان پيغام کي اڳتي وڌايو جيڪو کيڙي سو کائي واري پيغام کي به اڳتي وڌايو.
ترقي پسند دانشور راحت سعيد اردو زبان جي نامور شاعرن ڊاڪٽر جاويد منظور غلام علي وفا، نسيم نازش، حجابه عباسي ،صفدر انشا اصغر خان عظيم حيدر سنڌي شاعرن مهر ڊٻائي، جمن دربدر، غفار جمالي ۽ ٻين شاعري پيش ڪئي.
ان موقعي تي صوفي راڳ رنگ جي محفل ۾ شفيع محمد فقير، نبي بخش ملاح ۽ ٻين سرن جي ورکا ڪئي
ان موقعي تي سيد زين شاه روشن علي ٻرڙو ادريس چانڊيو امير علي ٿيٻو مير مولا بخش لغاري حافظ بخشل سيهڙو جي اڳواڻي م مشعل برادر ريلي ڪڍي جنهن م وڏي انگ ۾ ڪارڪنن شرڪت ڪئي……………