رپورٽ:ڳاڙهو: پورهيت جا ٻار بيمار ، واهر جي اپيل

*ڳاڙهي ويجهو  ڳوٺ محمد يوسف شورو ۾ غريب پورھيت  اڪرم  شورو جا 2 معصوم گلن جھڙا ٻارڙا پرسرار بيماري ۾ ورتل آهن جنهن ڪري گهر مان خوشيون اڏامي ويون آهن.

پورھيت  اڪرم  شورو جو چوڻ آهي ته هو مسڪين ماڻهو آهي محنت مزدوري ڪري گهر جو گذارو ڪري ٿو .

 هن ٻڌايو ته سندس ٻار ڄمڻ وقت صحتمند هئا پر ڪجهه سالن بعد بيمار  ٿي ويا آهن جنهن ڪري سندن سمورو گهر ڊاون ڊول ٿي ويوآهي .

 هن چيو ته وس آهر ٻارن جو علاج ڪرايو آهي پر ڦڪين فرق نه ڪيو

 هن سرڪار ۽ سرندي وارن توڙي سماجي تنظيمن کي اپيل ڪئي آهي ته سندس ٻارن جو علاج ڪرائي سندن اڱڻ تي خوشيون واپس آنديون وڃن …………..

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.