رپورٽ:ڪراچي: سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ گم ٿيل ماڻهن جي بازيابي بابت ٻڌڻي

*سنڌ هاءِ ڪورٽ ڪراچي ۾ گم ٿيل ماڻهن جي بازيابي بابت درخواستن تي ٻڌڻي ٿي

جسٽس نعمت الله ڦلپوٽو چيو ته ماڻهن کي گم ٿئي ڪيترائي ورهه وهامي ويا آهن پر پوليس سندن پتو لڳائي نه سگهي آهي ته هو ڪٿي آهن.

جسٽس نعمت الله ڦلپوٽو چيو ته ماڻهو پنهنجي پيارن لاءِ روئندا رهن ٿا ۽ عدالتن  ۾ بددعائون ڏين ٿا جڏهن ته پوليس آفيسر رڳو فائل هٿن ۾ کڻي گهمندا رهن ٿا.

ان موقعي تي ايف آءِ جي عملدران عدالت کي ٻڌايو ته جن گم ٿيل ماڻهن جا سڃاڻپ ڪارڊ نه آهن انهن جي سفري جي هسٽري نه ملي رهي آهي.

نينگر فيصل جي امڙ عدالت کي ٻڌايو ته سندس پٽ ٻارهين  ڪلاس جو شاگرد هو اٺ سال اڳ گم ٿي ويو اڃا تائين سندس ڪو به پتو نه پيو آهي

گم ٿيل شهري سيد عبدالوحيد جي وڪيل عدالت کي ٻڌايو ته معاذ ۽ طلحه هڪ ئي ڏينهن جدا جدا جاين تان گم ٿيا.

 هنن چيو ته جيڪڏهن ڪنهن شهري ڪو ڏوهه ڪيو آهي يا ڪنهن غيرقانوني سرگرمي ملوث آهي ته ان کي عدالت م پيش ڪيو وڃي .

عدالت گهرو کاتي، پوليس ۽ ٻين ادارن کان 29 مئي تي اڳڀرائي رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي ……………

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.