وڏو وزير عصمت ۽ نشويٰ جي وارثن وٽ پهتو، معصوم جانين سان کيڏندڙن خلاف ڪارروائي ٿيندي: مراد شاهه

 ڪراچي (رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه بي بي نشويٰ ۽ مس عصمت خاڻيچو جي خاندان کي يقين ڏياريو تھ غير ذميواراڻي ۽ ڏوهاري غفلت سان ٻھ معصوم زندگيون ضايع ڪرائڻ ۾ ملوث ٻنھي اسپتالن خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي. ھن اھا ڳالھھ ڪالهه  بي بي نشويٰ جي والد سان سندن رھائشگاھھ گلستان جوھر ۽ مس عصمت جي خاندان سان سندن رھائشگاھھ ابراھيم حيدريءَ ۾ تعزيت کانپوءِ ميڊيا سان ڳالھائيندي ڪئي. وڏي وزير سيد مراد علي شاھھ سان صحت واري صوبائي وزير ڊاڪٽر عذرا پيچوھو، قانون ۽ سڌسماءَ وارو صوبائي صلاحڪار مرتضيٰ وھاب، انسپيڪٽر جنرل پوليس سنڌ ڊاڪٽر ڪليم امام، ڪمشنر ڪراچي افتخار شلواڻي ۽ ٻيا لاڳاپيل عملدار پڻ گڏ ھئا. نشويٰ ڪيس بابت ڳالھائيندي وڏي وزير مراد علي شاھھ چيو تھ ھيلٿ ڪميشن پاران جمع ڪرايل رپورٽ ۾ خاميون آھن پر ان ۾ جيڪي ڪارروائي جي حوالي سان سفارش ڪئي وئي آھي ان مان ھُو مطمئن آھي. ھن چيو تھ مان رپورٽ مان مطمئن نھ آھيان ۽ صوبائي وزير پڻ خدشن جو اظھار ڪيو آھي. ھن چيو تھ ڊاڪٽر خلاف سخت ڪارروائي ڪئي ويندي. ھن چيو تھ ھيلٿ ڪميشن سندن رپورٽ ۾ واضح ڪيو آھي تھ اسپتال جو 50 سيڪڙو کان وڌيڪ عملو غيرتربيتي يافتھ آھي. ھن چيو تھ اھو ھڪ سنگين مامرو آھي ۽ ان کي ڪنھن بھ قيمت تي برداشت نھ ٿو ڪري سگھجي. مراد علي شاھھ چيو تھ نشويٰ جي والد قيصر عليءَ جن ماڻھن کي نامزد ڪيو آھي انھن کي گرفتار ڪيو ويندو. ھن چيو تھ اھو اثر انداز ٿيڻ يا مراعت يافتھ ماڻھن جو سوال نھ آھي پر قانون جي مطابق ڪارروائي ڪئي ويندي. ھن چيو تھ  آءِ جي پوليس کي ھدايت ڪئي آھي تھ ھوُ سمورن گهربل ماڻھن جي گرفتاري کي يقيني بڻائي. انھيءَ کان پھرين وڏي وزير نشويٰ جي والد قيصر علي سان ملاقات ڪئي ۽ ان سان تعزيت ڪئي. ھن چيو تھ مون کي حقيقي طور تي ڏک ٿي رھيو آھي تھ اسان پنھنجي ڀرپور ڪوشش باوجود نشويٰ کي بچائي نھ سگھياسين. ھن چيو تھ اسان ھن کي واپس آڻي نٿا سگھون پر اسان اھو ڪري سگھون ٿا ۽ ان ڳالھھ کي يقيني بڻائي سگھون ٿا تھ ٻيھر اھڙي قسم جو ڪو بھ واقعو نھ ٿئي. ان موقعي تي ٻارڙي جي والد قيصر علي چيو تھ ڪجھھ ماڻھن کي ايف آءِ آر ۾ نامزد ڪيو آھي پر انھن کي اڃا تائين گرفتار ناھي ڪيو ويو. ان تي وڏي وزير آءِ جي پوليس کي ھدايت ڪئي تھ باقي رھيل جوابدارن کي بھ گرفتار ڪيو وڃي ۽ متاثر خاندان کي ان ڪيس جي اڳڀرائي بابت روزاني جي بنياد تي آگاھھ ڪيو وڃي. واضح رھي تھ نشويٰ دارالصحت نامي ھڪ خانگي اسپتال ۾ داخل ھئي جتي ھن کي غلط انجيڪشن لڳايو ويون ته  وڏي وزير مراد علي شاهه  ابراھيم حيدريءَ ۾ ميڊيا کي ٻڌايو تھ ميڊيڪل سپريٽنڊنٽ گورنمينٽ اسپتال ڪورنگي کي عصمت ڪيس ۾ معطل ڪيو ويو آھي ۽ عملي ۽ ڊاڪٽر کي جيڪي مس عصمت خاڻيچو جي قتل ۾ ملوث آھن انھن خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي. متاثر خاندان جي ماڻهن وڏي وزير کي ٻڌايو تھ انھن پنھنجي شڪايت ۾ جن ڊاڪٽرن کي نامزد ڪيو آھي انھن کي اڃا تائين گرفتار ناھي ڪيو ويو ۽ انھن مان ھڪ ڊاڪٽر نيوز چينل تي اچي پنھنجو موقف پيش ڪري رھيو آھي ۽ مرحومھ ۽ سندس خاندان جي ميمبر تي الزام مڙھي رھيو آھي. وڏي وزير آءِ جي پوليس کي ھدايت ڪئي تھ ھُو متاثر خاندان جي بيان جي روشنيءَ ۾ ايف آءِ آر داخل ڪري. ھن چيو تھ اھا وڏي تعجب جي ڳالھھ آھي تھ نيوز چينل پنھنجي ٽاڪ شوز ۾ اھڙن ماڻھن کي گھرائي رھيا آھن. مراد علي شاھھ چيو تھ ھن ڪمشنر ڪراچيءَ کي حڪم ڏنو آھي تھ ھُو سمورن خانگي اسپتالن جي عملي جو آڊٽ ڪرائي تھ انھن ٽيڪنيڪل ڪمن لاءِ تربيتي يافتھ يا غير تربيتي يافتھ عملو رکيو آھي.03

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.