سنڌ اسيمبلي ۾ بجيٽ تي بحث بدران جهيڙا معمول بڻجي ويا، هڪ ٻئي کي ڌڪا

ڪراچي(رپورٽ: محمد علي نقرچ) سنڌ اسيمبلي بجيٽ تي بحث بدران سياسي اکاڙو بڻجي وئي. سنڌ اسيمبلي جو اجلاس ڪالهه اسپيڪر آغا سراج دراني جي صدارت هيٺ ٿيو، اجلاس ۾ پي ٽي آءِ ميمبر سعيد آفريدي بجيٽ کان اڳ واري بحث ۾ حصو وٺندي اسپيڪر کان مطالبو ڪيو ته عورت ميمبرن کي تلاشي وٺي ايوان ۾ ڇڏيو وڃي، ڪالهه انهن حملو ڪيو،  ان تي پ پ جي عورت ميمبرن احتجاج رڪارڊ ڪرايو، جنهن تي ڊاڪٽر سعيد آفريدي چيو ته قبائلي آهيان، عورتن جي عزت ايندي آهي، عورتن کي به پنهنجي عزت جو خيال رکڻ گهرجي. هن چيو ته ڪتابن ۾ کربين رپين جو خرچ آهي، وزيرن کي شرم اچڻ گهرجي. ان تي اسپيڪر آغا سراج دراني کيس روڪيندي چيوته اهڙا لفظ استعمال نه ڪيا وڃن،  شرم جو لفظ ڪارروائي مان خارج ڪيو وڃي، هن ٻيهر بحث شروع ڪندي چيو ته سندس تڪ ۾  بينظير ڀٽو اسپتال 8 سالن کان ٺهيل آهي، پر ڪتابن ۾ بجيٽ ڏيکاري وڃي ٿي، هن چيو ته اندرين سنڌ ۾ ماڻهن کي دٻايو وڃي ٿو پر هتي عمران خان جا ڪارڪن آهن، اهي حساب وٺندا، هن چيو ته بلاول ڀٽو چوي ٿي ته وزيراعظم کي ايوان ۾ اچڻ نه ڏيندو ته پوءِ اسان به هتي وڏي وزير کي اچڻ نه ڏينداسين.  ان تي پ پ ۽ پي ٽي آءِ ميمبرن سيٽن تان اٿي بيهي احتجاج ڪيو، ۽ هڪٻئي خلاف ڳالهائڻ تي وڌيڪ  ماحول خراب ٿي ويو، ان دوران پ پ جي ممتاز جکراڻي ۽ پي ٽي آءِ جي حليم عادل شيخ ۾ سخت جملن جي ڏي وٺ ٿي، ٻنهي هڪٻئي تي الرون ڪيون ان دوران ميمبر هڪٻئي کي ڌڪيندا رهيا .پ پ  جي مڪيش ڪمار چاولا، اويس قادر شاهه، امتياز شيخ ۽ ٻين وچ ۾ پيا پر معاملو حل نه ٿيو،جنهن تي اسپيڪر آغا سراج دراني اجلاس اڄ تائين ملتوي ڪري ڇڏيو، پي ٽِي آءِ ايم پي اي جمال صديقي بجيٽ تي بحث کان اڳ اسپيڪر کي مخاطب ٿيندي چيو ته جان جي امان ملي ته هيلمٽ پائي تقرير ڪيان، ان بعد هن  ايوان ۾  هيلمٽ پائي ورتو، هن چيو ته مون کي خوف ٿي رهيو آهي ته مون مٿان ڪو حملونه ڪري. گذريل ڏينهن هتي هڪ عورت ميمبر پاران ساٿي ميمبرن  تي حملو ڪيو ويو، ان کان بهتر آهي ته اڳواٽ بچاءُ جا اپاءُ ورتا وڃن، ان تي ڊپٽي اسپيڪر ريحانا لغاري ميمبر کي هيلمٽ استعمال ڪرڻ کان روڪيندي چيو ته هي ايوان آهي توهان موٽر سائيڪل نه پيا هلايو، ڊپٽي اسپيڪر جي سمجهائڻ بعد جمال صديقي هيلمنٽ لاهي ڇڏيو، ان دوران پي ٽي آءِ ميمبرن اومني اومني جا نعرا هنيا ته ايوان ۾ گوڙ ٿي ويو، جمال صديقي بحث  ٻيهر شروع ڪندي چيو ته صوبي ۾ من پسند ايس ايس پي مقرر ڪرائڻ لاءِ آءِ جي تي دٻاءُ وڌو پيو وڃي. بجيٽ کان اڳ واري بحث ۾ حصو وٺندي  پ پ ايم پي اي شميم ممتاز چيوته  وفاق پاران 280 ارب روپيا نه مليا آهن جيڪا کليل دهشتگردي آهي، پ پ شهري توڙي ٻهراڙي جي ترقي ۾ ڪوبه فرق نه ٿي رکي. اسد عمر کي نااهل ڪري ڪڍيو ويو اسان جي وزير کي خزاني جو وزير بڻايو ويو آهي. گرينڊ ڊيموڪريٽڪ الائينس جي عبدالرزاق راهمون چيو ته  ڪيترن ئي کاتن پيسا خرچ نه ٿيڻ ڪري فنڊز واپس هليا ويا. هن چيو ته ٿر ۾ تعلقي سطح تي اسپتالون قائم ڪيون وڃن، ٿرڪول انرجي  بورڊ ۾ 5 ايم پي ايز  مان هڪ به شامل نه ڪيو ويو آهي.  متحده جي ايم پي اي راشد خلجي ۽ وسيم قريشي  چيو ته  جيڪڏهن شهري علائقن کي حق نه ملندا ته پوءِ اهڙا نعرا لڳندا جنهن سان حڪومت ڪندڙن کي تڪليف ٿيندي. پ پ سنڌ ۾ ڪم ڪيو نه ڪم لاٿو آهي، ارڙهين ترميم تي سوال ڪيون ٿا ته جواب ۾ وفاق کان فنڊ نه ملڻ جو چيو وڃي ٿو. پ پ ايم پي اي تنزيلا قمبراڻي چيو ته کنڊ 3 روپيا ڪلو وڌڻ سبب جهانگير ترين کي وڏو فائدو ٿيو آهي، عوام بدران جهانگير  کي فائدو ڏيندڙ حڪومت جمهوري حڪومت نه ٿي ٿي..03

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.