وانا ( م ڊ ) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته مان ڊگهي جدوجهد ڪري هتي پهتو آهيان بلاول ڀٽو صاحبه وانگر پرچي تي ناهيان آيو مان نه اين آر او ڏيندس نه معاف ڪندس. وانا ۾ عام جلسي کي خطاب دوران وزيراعظم عمران خان چيو ته اسان جا کوڙ سياستدان پختونخوا ۽ قبائلي علائقن ۾ فرق نٿا ڄاڻين، پر آئون قبائلي علائقن کي مڪمل طور سمجهان ٿو، مان قبائلي علائقن جي رهڻي ڪهڻي ۽ روايتن تي ڪتاب لکي چڪو آهيان. وزيرستان جي عوام 1947ع تائين آزادي جي جنگ وڙهي، انگريزن جا سڀ کان گهڻا فوجي وزيرستان ۾ مارايا ويا هئا، ڪشميري مسلمانن تي جڏهن ظلم ٿيو ته قبائلي ماڻهن ڪشميرين جو ساٿ ڏنو ، قبائلي ماڻهن 1965ع ۾ فوج سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي جنگ وڙهي. وزيراعظم وانا جي عوام کي مخاطب ڪندي چيو ته پارليامينٽ ۾ سدائين قبائلي عوام جو آواز بڻيس، آصف زرداري ۽ سندس پٽ، شريف ڀائر ۽ سندن ٻار ٻڌي وٺن مان هتي ڊگهي جدوجهد کانپوءِ پهتو آهيان، منهنجي زندگي ويڙهاند ڪندي گذري آهي، جيڪو ڊگهي جدوجهد ڪري مٿي ايندو آهي ان کي ڪو ڊپ ناهي ٿيندو. آئون بلاول ڀٽو صاحب وانگر پرچي ته ناهيان آيو، هي سڀ چاهين ٿا ته عمران تي زور وجهي کائنس اين آر او ورتو وڃي، منهنجو اقتدار ۾ اچڻ جو مقصد رڳو انهن ڪرپٽ عنصرن کي مات ڏيڻ هو، مان نه کين اين آر او ڏيندس نه معاف ڪندس. مولانا فضل ارحمان تي تنقيد ڪندي وزيراعظم چيو ته مولانا فضل الرحمان جي تمام ننڍڙي قيمت آهي ، کيس ڪشمير ڪميٽي جو چيئرمين بڻائي ڇڏيو ۽ ڊيزل جو پرمٽ ڏئي ڇڏيو. ان کان اڳ ڏکڻ وزيرستان ۾ قبائيلي اڳواڻن کي خطاب ڪندي وزيراعظم عمران خان جو چوڻ هو ته قبائلين جي تاريخ بابت ڄاڻ آهي، سڀ مسئلا سمجهان ٿو، اڳوڻن سربراهن کي قبائلي علائقن جي خبر نه هئي، قبائلي ماڻهن سدائين ملڪ لاءِ قربانيون ڏنيون آهن پر قبائلي علائقا سڀ کان پٺتي رهجي ويا آهن. هن چيو ته قبائلي علائقا پختونخوا ۾ ضم ٿي ويندا، هر سال هڪ سئو ارب رپيا قبائلي علائقن تي خرچ ٿيندا، ايترو پئسو خرچ ڪنداسين جيڪو ستر سالن ۾ ناهي ٿيو، ڪمزور علائقن کي مٿي آڻڻ بنا ملڪ ترقي نه ڪندو، قبائلي علائقن کي ترقي ۽ روزگار ۽ تعليم گهرجي.وزيراعظم جو چوڻ هو ته آمريڪا جي چوڻ تي پنهنجي فوج قبائلي علائقن ۾ نه موڪلڻ لاءِ سڀ کان گهڻو مون آواز بلند ڪيو، اسان جي فوج قرباني ڏني آهي، جڏهن قبائلي علائقن ۾ تباهي متل هئي تڏهن کان اوهان لاءِ آواز اٿاري رهيو آهيان. قبائيلي علائقن تي ڌيان نه ڏنو ويو، جيڪا رياست ڪمزور طبقي کي انصاف ڏيندي آهي ته پوءِ ان رياست کي ڪو به شڪست ناهي ڏئي سگهندو. عمران خان وڌيڪ چيو ته سنڌ، ڏکڻ پنجاب ۽ بلوچستان جي علائقي جي پٺتي پيل علائقن کي اڳتي آڻينداسين، ثابت ڪري ڏيکاريندس ته تبديلي تيزي سان ايندي آهي، ملڪ هلائڻ لاءِ في الحال پئسو گهٽ آهي پر عوام ڳڻتي نه ڪري، پئسو اچي رهيو آهي، بس ٿورو صبر ڪرڻو پوندو. تبديلي نظر اچڻ شروع ٿي ويندي. رمضان ۾ فنڊ اچڻ شروع ٿي ويندا ته تبديلي نظر ايندي، اسپتالن ۾ ڊاڪٽر ۽ عملو مقرر ڪيو ويندو، نوجوانن کي قرض ڏينداسين، زبون عمارتن لاءِ فنڊ ڏينداسين.