سائين جي ايم سيد جي اڄ ورسي، تياريون مڪمل

سن (ن ع آ ) سن ۾ جديد قومپرست سياست جي باني سائين جي ايم سيد جي 24 هين ورسي  قومي جوش سان اڄ ملهائي پئي وڃي، جنهن جون تياريون مڪمل ڪيون ويون. سن ءِ تعلقي مانجهند جي مختلف بس اسٽاپن کي ايس يو پي ءِ ڪهاڙي وارن جهنڊن ءِ پينا فليڪس بينرن سان ڪنوار وانگر سجايو ويو. ٽائون انتظاميه طرفان پيئڻ جي پاڻي صفائي  سٿرائي ڪرائي گهٽين کي ڇڻڪار ڪرائي انتظام مڪمل ڪيا ويا. سڄي سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ مان ڪارڪن قافلن جي صورت ۾ وڏي تعداد سن پهچڻ جو سلسلو جاري ٿي ويو. ايس يو پي طرفان سيد جي درياءُ واري بنگلي کان سيد جلال محمود شاھ سيد زين شاھ روشن علي برڙو جي  اڳواڻي ۾ ڪارڪنن  مزار تي گلن جي چادر چاڙهي فاتحه پڙهي وئي. جسقم (بشير خان )  طرفان سائين جي ايم سيد جي مزار جي سيراندي جسقم (آريسر ) ءِ جست (سرڪي )  طرفان پيراندي کان ڌار ڌار جلسن جا پنڊال تيار ٿي ويا. قومپرست جماعتن جا ڪارڪن  منجهند 2 بجه انڊس هاءِ وي سن وٽ گڏ ٿي قيادتن جسقم جي صنعان خان قريشي امجد خان مهيسر جي اڳواڻي ۾ جسقم آريسر جي اسلم خيرپوري امير آزاد پهنور  سرمد ميراڻي جي اڳواڻي ۾ جست جي وقتي صدر عبدالفتاح چنه گدا حسين ڪنگو جي اڳواڻي ۾  ڌار ڌار پيادل مارچ ڪري سيد جي مزار تي حاضري ڀري گلن جون چادرون چاڙهي جلسن کي خطاب ڪندا. جسم ( رياض گروپ ) رياض چانڊيو جي اڳواڻي ۾ جيئي سنڌ لبرل فرنٽ طرفان  چئرمين نواز خان زئنور جي قيادت ۾ جست ڪرناڻي گروپ جي شبير جمالي ،سورهيه سنڌي جي اڳواڻي ۾ جسم ( سهتو ) جي صوفي حضور بخش،علي نواز ٻٽ ،اشرف عمراڻي جي قيادت ۾ جسقپ جي سوڀ قمر ڀٽي جي اڳواڻي ۾ ريلين جي صورت ۾ سيد جي مزار تي حاضري ڀري گلن جون چادرون چاڙهي قومي ترانو پڙهندا.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.