اسلام آباد ( بيورو ) سپريم ڪورٽ نقيب الله قتل ڪيس ۾ ملوث ڪراچي پوليس جي اڳوڻي اعليٰ آفيسر رائو انوار جي مبينا پوليس مقابلن جي جڊيشل انڪوائري جي درخواست ٻڌڻي لاءِ مقرر ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو . جسٽس عظمت سعيد جي سربراهي ۾ سپريم ڪورٽ جي ٽي رڪني بئنچ رائو انوار جي عدالت کان مٿانهن 444 قتلن جي جوڊيشل انڪوائري جي درخواست جي ٻڌڻي ڪئي. سپريم ڪورٽ درخواست تي رجسٽرار جي اعتراضن کي ڪالعدم قرار ڏيندي جڊيشل ڪميشن جوڙڻ جي درخواست ٻڌڻي لاءِ مقرر ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. درخواستگذار جي وڪيل فيصل صديقي چيو ته رائو انوار 444 پوليس مقابلا ڪري ريڪارڊ قائم ڪيو، سپريم ڪورٽ رائو انوار جي چئن انڪائونٽرن تي پاڻمرادو نوٽيس ورتو هو ۽ جاچ دوران رائو انوار جا وڌيڪ 444 قتل سامهون آيا. جسٽس عظمت سعيد درخواست گذار کي چيو ته بهتر ٿئي ها اوهان پهريان وفاقي حڪومت پوءِ هاءِ ڪورٽ سان رابطو ڪريو ها. جنهن تي وڪيل فيصل صديقي چيو ته سپريم ڪورٽ پهريان کان ان معاملي تي نوٽيس وٺي چڪي آهي تنهنڪري سڌو سنئون اعليٰ عدالت آيس. دهشتگردي ٽوڙ عدالت نقيب الله قتل ڪيس جي ٻڌڻي دوران مرڪزي جوابدار رائوانوار جي ڇوٽ ڏيڻ واري درخواست تي دليل ٻڌڻ کان پوءِ فيصلو محفوظ ڪري ورتو آهي. عدالت فيصلو ٻڌائيندي. درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته رائوانوار جي جان کي خطرو آهي. جڏهن ته نقيب الله قتل ڪيس ۾ نقيب الله جي والد جو بيان رڪارڊ نه ڪيو ويو .عدالت ڪيس جي 3 مئي تائين ملتوي ڪري ڇڏي آهي.0430