رپورٽ : تلهار: ٻارن هٿان ڪيئن سڙي گهر؟ ڄاڻي اچرج ۾ پئجي ويو

تلهار ويجهو ٻارن پاران راند ڪندي باهه ڏيڻ سبب 6 ڪکاوان گهر سڙي رک ٿي ويا.

ڳوٺ حاجي خان چانڊيو ۾ ٻارڙن پاران راند دوران ڪکن کي باهه ڏيڻ سبب هوا جي زور تي لوڙهن کي لڳي وئي.

باهه تيز هواس سبب عبدالڪريم چانڊيو۔اڪبر چانڊيو۔رفيق چانڊيو۔لقمان چانڊيو۔ ۽ احمد چانڊيو جي گھر کي وڪوڙي وئي، جنهن سبب الهه تلهه سڙي رک ٿي ويو.

ڳوٺاڻن دانهيندي ٻڌايو ته اطلاع باوجود فائربرگيڊ عملو چار ڪلاڪ دير سان پهتو.

متاثر اپيل ڪئي ته سندن مدد ڪري نقصان جو ازالو ڪيو وڃي…………….

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.