لاهور (ويب ڊيسڪ) پشاور ۾ افواهن کانپوءِ پنجاب ۾ پوليو مهم کي وڏو ڌڪ رسيو ۽ هزارين خاندانن ٻارن کي ڦُڙا پيئارڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو.
پوليو جي خاتمي لاءِ ايمرجنسي آپريشن سينٽرز ڪوآرڊينيٽر سلمان غني چيو ته سڄي ملڪ ۾ پوليو وائرس جي موجودگي سبب هر ٻار خطري ۾ آهي، رهجي ويل ٻارن کي اڳتي پوليو کان بچاءَ جا ڦڙا پيئاريا ويندا.
سندس چوڻ هو ته 13 هزار مان 5 هزار والدين کي ٽيمن ڳالهه ٻولهه ذريعي راضي ڪيو ۽ انهن ٻارن کي ڦرا پيئاريا، شروعاتي ٻن ڏينهن ۾ هڪ ڪروڙ 30 لک ٻارن کي ڦڙا پيئاريا ويا، گهڻي ڀاڱي ماڻهن پشاور ۾ افواهه سبب ٻارن کي ڦڙا پيئارڻ کان انڪار ڪيو.
هن چيو ته راولپنڊي ۾ سڀ کان وڌيڪ 56 سئو والدين ٻارن کي ڦڙا پيئارڻ کان انڪار ڪيو، جڏهن ته لاهور ۽ اٽڪ ۾ 6 سئو ۽ 5 سئو والدين ٻارن کي پوليو جا ڦڙا پيئارڻ کان انڪاري آهن.
سلمان غني چيو ته والدين ٻارن کي بنا ڪنهن خوف جي پوليو کان بچاءَ جا ڦڙا پيئارين، سڄي ملڪ ۾ پوليو وائرس جي موجودگي سبب هر ٻار خطري ۾ آهي، رهجي ويل ٻارن کي اڳتي پوليو کان بچاءَ جا ڦڙا پيئاريا ويندا.