پاڪستان فارما ايسوسيئشن جي عهديدارن چيو آهي ته ميڊيڪل جي شعبي ۾ ٽيڪنالاجي جو اثر وڌندو پيو وڃي، پاڪستان ۾ ماهرن جي کوٽ ناهي، هتي تمام سٺو ڪم ٿئي پيو، ان جي باوجود اسان جي ڪوشش بهتر کان بهتر ڪم ڪرڻ جي هجڻ گھرجي.
ڪراچي ۾ چوٿين فارما سمٽ ڪانفرنس مقامي هوٽل ۾ ٿي گذري، جنهن ۾ پاڪستان فارما ايسوسيئشن جي عهديدارن سميت ميڊيڪل جي شعبي سان سهڙيل شخصيتن وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي .
ڪانفرنس کي خطاب ڪندي مقررين جو چوڻ هو ته ميڊيڪل جي شعبي ۾ حيرت انگريز تبديليون اچن پيو ، اسان کي انهن تبديلين کي سامهون رکي پنهنجي ڪم بابت حڪمت عملي جوڙڻ گھرجي…………………