کوسڪيءَ ويجهو ڳوٺ مَٺن کوسو جي ڳوٺاڻن پاران زمين تي پوليس جي مدد سان قبضو ڪندڙ بااثر خلاف احتجاج ڪيو ويو.
کوسا برادري جي ماڻهن عثمان ،سردار ۽ حنيف کوسو جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪري نعريبازي ڪئي.
ان موقعي تي هنن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته علائقي جو بااثر وڏيرو بنا جواز سندن 30 ايڪڙ سروي زمين تي قبضو ڪرڻ چاهي ٿو.
هنن جو چوڻ هو ته هنن بااثر جي ظلم خلاف پوليس کي دانهن ڏني پر پوليس سندن دانهن ٻڌڻ بدران بااثر جي ٻٽ بڻجي کين هيسائي رهي آهي.
متاثرن گهر ڪيئ ته بااثر پنگريو پوليس خلاف قدم کڻِي کين انصاف فراهم ڪيو وڃي………………..