ٻارڙيءَ جو موت… دارالصحت اسپتال سيل ڪرڻ جو حڪم

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ حڪومت ٻارڙي نشوا جي موت تي وڏو فيصلو ڪندي دارالصحت اسپتال سيل ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.

ڪراچي جي علائقي گلستان جوهر جي اسپتال دارالصحت ۾ عملي جي غفلت سبب فوت ٿيندڙ ٻارڙي نشوا جي موت واري معاملي تي وڏي وزير اسپتال کي سيل ڪرڻ جوفيصلو ڪيو.

سيد مراد علي شاهه ان حوالي سان صحت واري وزير عذرا فضل پيچوهو کي هدايتون جاري ڪيون، جنهن کانپوءِ اسپتال کي سيل ڪرڻ جون تياريون شروع ڪيون ويون.

ڪراچي جي ڪشمنر صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته وڏي وزير جي حڪم تي اسپتال کي سيل ڪري رهيا آهيون، دارالصحت اسپتال جو 80 کان وڌيڪ عملو غير تربيت يافتا نڪتو آهي، سنڌ هيلٿ ڪيئر ڪميشن کي اسپتال سيل ڪرڻ جو چئي ڇڏيو آهي.

هوڏانهن دارالصحت اسپتال جو عملو گرفتاري ڏيڻ لاءِ شاهراهه فيصل ٿاڻي پهتو، پوليس اسپتال جي سينيئر پروفيسر رضوان اعظمي سميت ٽن ڊاڪٽرن کي حراست ۾ وٺي ڇڏيو.

ان کان اڳ وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جو ميڊيا سان ڳالهائيندي چوڻ هو ته اڄ يا سڀاڻي اسپتال سيل ٿي ويندي، اسپتال ۾ مسئلا موجود آهن، مون کي رپورٽ به ملي وئي آهي، اسپتال کي ٻه ماڻهو نٿا هلائي سگهن، باقي عملو غير تربيت يافتا آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.