مون سان لاهورين واري ڊرامي بازي نه ڪيو……!

لاهور(ويب ڊيسڪ) هائوسنگ واري وفاقي وزير طارق چيما ۽ پاڪستان تحريڪ انصاف جي پنجاب اسيمبلي ميمبر نذير چوهاڻ جي وچ ۾ تلخي ويڊيو منظر عام تي اچي وئي.

لاهور ۾ ٻنهي اڳواڻن جي وچ ۾ تلخ ڪلامي وفاقي ڪالوني لاهور ۾ ٿيل اجلاس ۾ ٿيل ۽ تلخي وڌڻ تي هائوسنگ واري وزير طارق چيمه ميٽنگ هال مان اُٿي هليو ويو.

تلخي وفاقي ڪالوني ۾ پيئڻ جي صاف پاڻي ۽ سيوريج جي مسئلي تي سامهون آئي.

اجلاس دوران پي ٽي آءِ ايم پي اي نذير چوهاڻ چيو ته وفاقي ڪالوني وفاق جي بندوبست هيٺ آهي ان جو مسئلو حل ڪيو وڃي.

وفاقي وزير چيو ته آئون توهان جي ڳالهه ٻڌي رهيو آهيان مون سان لاهورين واري ڊرامي بازي نه ڪيو، ماڻهن کي گڏ آڻي دٻاءَ ۾ آڻڻ جي ڪوشش نه ڪيو.

نذير چوهاڻ چيو ته توهان وزير آهيو مسئلو حل ڪيو يا ڪالوني کي وسا جي بندوبست هيٺ ڏيو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.