حڪومت جو چڱو مڙس به نيب جي ريڊار تي اچي ويو…

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) نيب پنجاب جي وڏي وزير عثمان بوزدار جي مبينا ڪرپشن خلاف جاچ شروع ڪري ڇڏي.

ذريعن موجب نيب ۾ پنجاب جي وڏي وزير عثمان بوزدار خلاف مبينا ڪرپشن جون ٻه درخواستون داخل ڪرايون ويون آهن، نيب ڪرپشن درخواستن جي متن جي تصديق ڪندي عثمان بوزدار خلاف جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي.

ڊي جي نيب لاهور ميجر رٽائرڊ شهزاد سليم موجب پنجاب جي وڏي وزير خلاف درخواست تي نيب هيڊ ڪوارٽر باخبر آهي ۽ ڪارروائي جي هدايت ڪري ڇڏي آهي.

ذريعن جو چوڻ آهي ته عثمان بوزدار تي سرڪاري هيلي ڪاپٽر جي انشورنس 3 بدران 7 ڪروڙن ۾ ڪرائڻ جو الزام آهي، ان کانسواءِ پنجاب جي وڏي وزير تي لاهور جي هڪ نجي هوٽل کي شراب جي پرمٽ وٺي ڏيڻ جو به الزام آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.