ٽيڪس ايمنسٽي اسڪيم کي سنواري ٻيهر متعارف ڪرايو وڃي…… مطالبو

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) ملڪ جي صدر ڊاڪٽر عارف علوي سان ملاقات ۾ واپاري برادري تجويز ڪيل ٽيڪس ايمنسٽي اسڪيم جي تحت هڪ کان ڏيڍ سيڪڙو ادائيگي تي اثاثا قانوني ڪرڻ جي تجويز ڏئي ڇڏي.

ذريعن ٻڌايو ته پلاسٽڪ مينوفيڪچرز، ٽائر، ٽيڪسٽائل، ريڊي ميڊ گارمينٽس، اسٽاڪ ايڪسچينج سميت 12 مختلف نمائنده واپار ۽ صنعت تنظيمن جي نمائندن گورنر هائوس ۾ ملاقات ڪئي، واپارين ملڪ جي صدر سان ملاقات ۾ وفاقي بجيٽ جي لکت واريون تجويزون به پيش ڪيون.

ملاقات دوران واپارين ۽ صنعتڪارن ان ڳالهه تي زور ڏنو ته تجويز ڪيل ٽيڪس ايمنسٽي اسڪيم کي پيچيدگين کان پاڪ بڻائي متعارف ڪرايو وڃي ۽ اسڪيم مان فائدو حاصل ڪندڙن جو انگ وڌائڻ لاءِ رڳو هڪ کان ڏيڍ سيڪڙو ٽيڪس جي ادائيگين جي عيوض ظاهر ڪيل اثاثن کي قانوني بڻائڻ جي سهولت ڏني وڃي.

ملاقات دوران واپاري برادري جو چوڻ هو ته ڄاڻايل تجويز تي عمل درآمد جي صورت ۾ تجويز ڪيل ٽيڪس ايمنسٽي اسڪيم معيشت کي دستاويز بڻائڻ جو اهم ذريعو بڻجي سگهي ٿي.

واپارين ملڪ جي صدر کي ٻڌايو ته ايمنسٽي اسڪيم مان فائدي لاءِ جيڪڏهن ٽيڪس جي واڌو شرح رکي وئي ته ايمنسٽي اسڪيم مان فائدو حاصل ڪندڙن جو انگ گهٽ ٿي ويندو جنهن جي نتيجي ۾ حڪومت کي گهربل نتيجا حاصل نه ٿي سگهندا، ڊاڪٽر عارف علوي واپاري نمائندن کي يقين ڏياريو ته سندن تجويزن ۽ خدشن کان حڪومت کي آگاهه ڪنداسين.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.