گوجرانوالا (ويب ڊيسڪ) گوجرانوالا جي هڪ نجي هوٽل جي دريءَ مان مبينا طور ٽپو ڏيندڙ چيني شهري علاج دوران فوت ٿي ويو.
گوجرانوالا جي علائقي شاهين آباد جي نجي هوٽل ۾ رهندڙ چيني شهري زاهو ٽين ماڙ تي پنهنجي ڪمري مان ٽپو ڏئي مبينا طورآپگهات ڪيو.
ڊي ايس پي ماڊل ٽائون ميان توصيف موجب زاهو ۽ سندس ساٿي مقامي فيڪٽري ۾ پيپر مشين لڳائڻ جي سلسلي ۾ 3 ڏينهن اڳ گوجرانوالا آيا هئا.
پوليس اختيارين جو چوڻ آهي ته زاهو ٻن ڏينهن کان ذهني دٻاءَ جو شڪار هو ۽ کيس ڪالهه به مقامي اسپتال ۾ علاج لاءِ آندو ويو هو.
فوتي جو مڙهه پوسٽ مارٽم لاءِ ڊي ايڇ ڪيو اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي، جڏهن ته پوليس واقعي جي جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي، جاچ ۾ مدد لاءِ چيني ٻولي جو ترجمو ڪندڙ کي به گهرايو ويو آهي.