اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) تحريڪ انصاف جي اڳواڻ جهانگير ترين چيو آهي ته پارٽي ۾ ورڇ پيدا ڪرڻ لاءِ ڪوڙيون خبرون لڳرايون پيون وڃن.
پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ جهانگير ترين پنجاب جي وڏي وزير جي تبديلي جي حوالي سان هلندڙ خبرن جي سختي سان ترديد ڪندي چيو آهي ته عثمان بوزدار کي پارٽي جي مڪمل حمايت حاصل آهي ۽ هو پنهنجو مدو پورو ڪندو، منهنجي حوالي سان وڏي وزير عثمان بوزدار جي تبديلي بابت هلندڙ خبرون سراسر بي بنياد آهن.
جهانگير ترين چيو ته اهڙون خبرون ڄاڻي واڻي پارٽي ۾ ورڇ پيدا ڪرڻ لاءِ لڳرايون پيون وڃن، ڪوڙي پروپيگنڊه ڪري پارٽي ۾ ڏڦيڙ پکيڙڻ وارا عنصر ڪڏهن به پنهنجي مقصدن ۾ ڪامياب نه ٿيندا.