تحريڪ انصاف ميمبر اسيمبليءَ جو ماحول خراب ڪري ڇڏيو…

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ اسيمبلي ۾ تحريڪ انصاف ميمبر طرفان پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري تي طنز ڪرڻ کانپوءِ ايوان ۾ گوڙ شروع ٿي ويو.

اسپيڪر آغا سراج دراني جي صدارت هيٺ ٿيل اجلاس ۾ اڄ گرما گرمي رهي ۽ تحريڪ انصاف ميمبر سعيد آفريدي پري بجيٽ بحث دوران پيپلز پارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري تي طنز ڪندي ”بلاول چوندي آهي“ چئي ڇڏيو.

سعيد آفريدي جي بيان کانپوءِ ايوان ۾ حڪومت ۽ اپوزيشن وچ ۾ تڪرار شروع ٿي ويو، تحريڪ انصاف ميمبر اهو پڻ چيو ته اسيمبلي ۾ عورتن سميت سمورن ميمبرن کي جهڙتي کانپوءِ ڇڏيو وڃي، ان تي حڪومتي بئنچن تي ويٺل عورت ميمبرن احتجاج ڪيو.

اسپيڪر آغا سراج دراني تحريڪ انصاف ميمبر کي تنبيهه ڪندي چيو ته بجيٽ تي ڳالهايو، عورتن تي نٿا ڳالهائي سگهو، سعيد آفريدي وراڻيو ته قبيلائي ماڻهو آهيان، مون کي عورتن جو احترام آهي.

ايوان ۾ گرما گرمي ۽ گوڙ کانپوءِ اسپيڪر سنڌ اسيمبلي جو اجلاس سڀاڻي هڪ وڳي تائين ملتوي ڪري ڇڏيو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.