قمبر ۾ پاپوليشن ويلفيئر پاران صحت مند ماءُ صحت مند گهراڻو جي عنوان سان سيمينار ڪوٺايو ويو.
ضلعي قمبر شهدادڪوٽ پاپوليشن ويلفيئر طرفان زم زم شادي هال ۾ ڪوٺايل سيمينار ۾ ريجنل ڊائريڪٽر محمد اسحاق ڀرڳڙي، ضلعي آفيسر ڪريم بخش ڀٽو ۽ مهمان خاص ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر امداد ابڙي، ايم ايس علي گوهر چانڊي ۽ ٻين شرڪت ڪئي.
ان موقي تي مقررن چيو ته عورت ۽ ٻار جي صحت تي ڌيان ڏيڻ تمام ضروري آهي عورت صحتمند هوندي ته ٻار به صحت مند هوندا.
هنن چيو ته صحت جي اصولن تي هلڻ ۽ فيملي پلاننگ تي عمل سان ڪامياب زندگي گذرندي