نصير آباد ۾ ڪاسائين پاران دڪان بند ڪرائڻ تي ڪائونسلر خلاف احتجاج ڪيو ويو.
ڪاسائين عبدالجبار رڏ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو.
ڪاسائين جو چوڻ هو ته وارڊ 12 جي ڪائونسلر فضل محمد مسڻ بنا جواز سندن دڪانن تي قبضو ڪري کين بيروزگار بڻائي ڇڏيو آهي.
هنن چيو ته قبضي خلاف هتان جي ٽائون انتظاميا ۽ شھري اتحاد بي وس نظر اچن ٿا جيڪا سراسر ناانصافي آهي.
ان موقعي تي عبدالجبار طرفان پاڻ ساڙڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، پر اتي موجود ماڻهن کيس بچائي ورتو.
اھڙي شڪايت بعد نصيرآباد پوليس پھچي ڪائونسلر جو هلندڙ ڪم بند ڪرائي ڇڏيو…………..
…………….