ناليواري استاد سماجي اڳواڻ ۽ وجيلنس ٽيم جي خاص ميمبر لياقت علي ميراڻي چيو ته آهي ته سنڌ ۾ ڪاپي ڪلچر جو مڪمل خاتمو چاهيون ٿا، سنڌ دوست ۽ تعليم دوست ڌرين جي جدوجهد سان ڪاپي تي ڪنٽرول ٿيو آهي
ڏوڪري پريس ڪلب ۾ ميڊيا جي نمائندن سان ڳالهائيندي لياقت ميراڻي چيو ته ڪاپي ڪلچر 50 سيڪڙو گهٽجي ويو آهي. چاهيون ٿا ته اسان جو ايندڙ نسل مڪمل طور باوقار ۽ اهليت وارو هجي
هن وڌيڪ چيو ته ڪاپي ڪلچر خلاف جهنڊو کڻي نڪتا آهيون، تنهن ڪري هن ڀيري تعليم کاتي جي اختيارين، بورڊ انتظاميا ۽ ساڃاهه وندن تمام گهڻو تحرڪ ورتو آهي
سندس چوڻ هو ته تعليم جي تباهي جا اسان سڀ ذميوار آهيون اسان کي حقيقت پسند ٿيڻو پوندو ۽ ڪاپي ڪلچر جي پاڙ پٽڻ لاءِ اڃان به وڌيڪ ڪوششون وٺڻيون پونديون…………………