ڊپٽي ڪمشنر شهيد بينظيرآباد ابرار احمد جعفر چيو آهي ته ضلعي ۾ بند پيل اسڪولن کي کولرائي خواندگي جي شرح ۾ واڌ ڪئي وڃي.
ڊپٽي ڪمشنر جي صدارت هيٺ ايجوڪيشن ريفارم اوور سائيٽ ڪميٽي جي اجلاس ٿي گذريو. اجلاس ۾ تعليم کاتي جي آفيسرن ۽ ٻين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي
ان موقعي تي ڊي سي ابرار احمد جعفر چيو ته هو ضلعي ۾ شاگردن خاص طور تي نياڻين جي داخلا کي سئو سيڪڙو يقيني بنائڻ لاءِ قدم کنيو وڃي.
هن وڌيڪ چيو ته ضلعي ۾ سمورن اسڪولن ۾ ضروري سهولتون فراهم ڪرڻ کان علاوه اُستادن ۽ عملي جي حاضري کي پڻ يقيني بڻايو وڃي ۽ غير حاضر ملازمن خلاف کاتيدار ڪاروائي ڪئي وڃي.
اجلاس ۾ تعليم کاتي جي آفيسرن ڊپٽي ڪمشنر کي ضلعي ۾ اسڪولن جي تعداد، انرولمينٽ، سهولتن جي کوٽ، اُستادن جي بايوميٽرڪ سميت ٻين مسئلن تي پڻ ڄاڻ ڏني…………………..