رپورٽ: جروار:۾ صوفي فقيرن پاران ” صوفي ازم زنده آباد “ ريلي ڪڍي وئي

صوفي درگاهه جهانپور شريف جي صوفي فنڪارن ۽ فقيرن هر سال جيان ھن سال به جروار ۾ يڪتاري چپڙي ذريعي صوفي ڪلام ڳائي امن جو پيغام  ڏنو

شهر ۾ نڪتل صوفي ازم زنده آباد ريلي ۾ صوفي فنڪار مختيار فقير ,فقيرلياقت علي ,جمن ۽ ٻين يڪتاري ۽  چپڙي تي صوفي ڪلام ڳائي ٻڌي جو پيغام ڏنو.

محبت ۽ امن جو گھر گھر پيغام ڏيندڙ صوفي فقيرن سان انسانيت ناتي جروار جي هندو-مسلمانن ايڪي جو اظهار ڪيو

ان موقعي تي فقيرن جو چوڻ هو ته ڏينهون ڏينهن انتها پسندي وڌندي پئي وڃي، جنهن کي محبت ذريعي ئي مات ڏئي سگهجي ٿو.

سندن چوڻ هو ته جروار صوفي ڀڳت ڪنوررام جو شھر آھي ان ڪري هتي صوفي ازم جي پرچار ڪرڻ جي گهڻي ضرورت آھي

ھنن وڌيڪ چيو ته ضلع جي ننڍن وڏن شھرن ۾ وڃي صوفين جي پيغام پهچائينداسين.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.