رپورٽ: ھالاڻي: اسڪول جي ڇت ڌماڪي سان ڪري پئي، هيڊ ماستر سميت 10 شاگرد زخمي، احتجاج

ھالاڻي ڀرسان ڳوٺ بھاري ملان جي مين پرائمري اسڪول جي ڇت ڌماڪي سان ڪري پئي، جنهن سبب هيڊ ماستر سميت 10 کان وڌيڪ شاگرد زخمي ٿي پيا.

ڇت جا چاپڙ ڪرڻ سبب  ھيڊ ماستر امان الله نوحپوٽي، نائب ماستر عبدالمجيد نوحپوٽي سميت ، شاگرد اسد علي سومرو،  ساجد علي سومرو،  زبير نوحپوٽو،  ياسر نوحپوٽو،  امداد انڙ،  رحمان علي زبير ۽ علي ممتاز سميت 10 شاگرد زخمي ٿي پيا.

شاگردن ۽ استادن پاران ڇت جا چاپڙ ڪرڻ ۽ بلڊنگ جي مرمت لاءِ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.

ان موقعي تي شاگردن ۽ استادن چيو ته بلڊنگ زبون ھجڻ جو ڪيترائي دفعا ايس ڊي او مجيد ميمڻ ۽ ٻين کي ٻڌايو پر هن وقت تائين ڪوبھ لکڙ تيل ناهي نڪتو.

هنن سنڌ جي تعليم واري وزير سيد سردار شاهه ۽ ٻين وسوارن کان مطالبو ڪيو تھ ماملي جو نوٽيس وٺي کين اسڪول جي عمارت نئين سر اڏرائي ڏني وڃي، جيئن تعليمي سرگرميون بنا ڪنهن رنڊڪ جي جاري رهي سگهن…………

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.