رپورٽ: ٺٽو: گورنمينٽ سروس سينٽر مڪلي ۾ پوزيشن کڻندڙ شاگردن ۾ انعام ورهائڻ واري تقريب

ٺٽي ضلعي جي خاص ٻاررن جي تعليمي اداري گورنمينٽ سروس سينٽر مڪلي ۾ سالياني امتحان ۾ ڪامياب شاگردن ۾ رزلٽ ۽ شيلڊ ورھائڻ واري تقريب ڪوٺائي وئي.

 تقريب ۾  معذور کاتي واري  سيڪريٽري خالد چاچڙ سميت شاگردن، والدين، سول سوسائٽي جي اڳواڻن سميت مختلف اسڪولن جي استادن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.

 ان موقعي تي امتحان ۾ ڪامياب شاگردن ۾ رزلٽ ورھائڻ واري تقريب کي خطاب ڪندي سيڪريٽري سنڌ خالد حسين چاچڙ چيو تھ معذور ٻارڙا مستقبل جا معمار ھوندا آھن جن جي ھمت افزائي ۽ انھن جي پروش لاءِ استادن ۽ والدين کي اڳڀرو رھڻ کپي جنھن سان وڌيڪ انھن ۾ صلاحيتون پيدا ٿينديون.

هن چيو تھ  سڄي سنڌ ۾ معذور ٻارڙن جا سينٽر آھن پر ٺٽي جو واحد سينٽر آھي جتي معذور ٻارڙن ۾ بھترين ٽيلنٽ آھي.

ان موقعي تي اسڪول جي پرنسل نديم ابراھيم، گل بيبي شاھ، خدا بخش بھراڻي ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو………

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.