* ڪورنگي جي ڊپٽي ڪمشنر شاديه جعفر طرفان دعا انٽر نيشنل ھومين رائٽس آف پاڪستان ويلفيئر ٽرسٽ جي سهڪار سان ھڪ ڏينھن جي مفت طبي ڪيمپ لڳائي وئي .
فري ميڊيڪل ڪئمپ جو افتتاح ڊپٽي ڪمشنر ڪورنگي شاديه جعفر ڪيو جڏهن ته ان موقعي تي ڊي ايس پي ڪورنگي ڪمپلنس سينٽر لال بخش سولنگي ، ڊي ايس پي ڪورنگي فتح محمد شيخ ۽ سماجي اڳواڻ پڻ موجود هئا .
فري ميڊيڪل ڪئمپ ۾ ڪيلشم ٽائيفائيڊ ، مليريا ٽيسٽ، ٽي بي ٽيسٽ ، شوگر جي ٽيسٽ ، اکين جو معائنو ، اکين جي آپريشن اکين جا چشما ۽ فري دوائيون ڏنيون ويون .
ڊپٽي ڪمشنر ڪورنگي شاديه جعفر چيو ته فري ميڊيڪل ڪئمپ جو نظام ڏسي چيو ته تمام سٺو قدم آھي اسان سڀني جو فرض آھي ته اسان عوام کي ريليف ڏياريون.
ھن وڌيڪ چيو ته فري ميڊيڪل ڪئمپ ۾ سڀني مرضن جو ٽيسٽيون ۽ دوائون فري ڏنيون ويون آھن جڏھن ته ڊپٽي ڪمشنر ڪورنگي شاديه جعفر پنھنجي اکين جو ٽيسٽ پڻ ڪرايو ………….