ممبئي (ويب ڊيسڪ) هالي وود مسٽري فلم “دي گرل آن دي ٽرين” 2016ع ۾ رليز ٿي هئي، جنهن تجزيا ڪارن جون دليون کٽڻ سان گڏوگڏ باڪس آفيس تي به سٺو بزنس ڪيو ۽ هاڻي بالي ووڊ ۾ ان فلم جو ريميڪ ٺاهڻ جو ارادو ڪيو پيو وڃي.
پرڏيهي ميڊيا رپورٽن موجب ريلائنس انٽرٽينمنٽ ڪمپني ان هالي ووڊ فلم جو بالي ووڊ ريميڪ ٺاهي رهي آهي جنهن ۾ اداڪارا پرينيتي چوپڙا مرڪزي ڪردار نڀائيندي. فلم ۾ پرينيتي هالي ووڊ اداڪارا ايملي بلنٽ جي جڳهه والاري رهي آهي، جنهن فلم ۾ هڪ طلاق يافته عورت جو ڪردار نڀايو هو جيڪا هڪ مسٽري کي سلجهائي رهي آهي جيڪا هن جي نظر ۾ سندس پاران ڪيل ڏوهه هيو. واضح رهي ته گرل آن دي ٽرين 2015ع ۾ رليز ٿيل ڪامياب ناول تي ٻڌل آهي، جنهن کي پال هوڪنز لکيو هو. ريلائنس انٽرٽينمنٽ جي سي اي او سڀاش سرڪار جو چوڻ هو ته اسان سدائي اهڙيون فلمون ٺاهڻ تي يقين رکندا آهيون جنهن جي ڪهاڻي مضبوط هجي، جيڪا نئين نسل کي متاثر ڪري سگھي ۽ اسان کي يقين آيه ته اها فلم سڀني کي متاثر ڪندي.
ان کان اڳ خبرون هيون ته ان فلم جي ريميڪ ۾ جيڪولين فرنينڊز مرڪزي ڪردار نڀائيندي، پر هاڻي پرينيتي چوپڙا جو نالو سامهون آيو آهي. ان فلم جي پراڊڪشن جو عمل هلندڙ سال جولاءِ کان برطانيا ۾ شروع ٿيندو.