وزيراعظم تي سنگين غداري ڪيس هلڻ گهرجي: خورشيد شاهه

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) پ پ اڳواڻ سيد خورشيد شاهه چيو آهي ته وزيراعظم تي آرٽيڪل 6 لڳڻ گهرجي.

قومي اسيمبلي ۾ خيالن جو اظهار ڪندي پيپلز پارٽي اڳواڻ خورشيد شاهه ايران ۾ دهشتگردي بابت ڏنل بيان تي وزيراعظم عمران کي ڇتي تنقيد جو نشانو بڻائيندي چيو ته وزيراعظم عمران خان تي آرٽيڪل 6 تحت سنگين غداري جو ڪيس هلڻ گهرجي.

 هن ايران وڃي اهو مڃو آهي ته دهشتگرد اسان جي سرزمين تان وڃي حملا ڪندا آهن، هن اها ڳالهه ڪئي جيڪا اڄ تائين ڪنهن نه ڪئي هئي، مٿس آرٽيڪل 6 لڳڻ گهرجي، عمران خان کي ايران ۾ وڃي اهو چوڻ گهرجي ها ته ايران مان دهشتگرد آيا ۽ اسان جي 14 جوانن کي شهيد ڪري هليا ويا.

 خورشيد شاهه چيو ته خدا کي مڃو رحم ڪيو اوهان پاڪستاني آهيو، پاڻ چئو ٿا ته ڇهه ڀيرا مودي فون ڪئي پر اها ڳالهه ڪرڻ لاءِ تيار ناهيو، اوهان پاڪستان ۽ مسلمانن جي دشمن مودي جي ڪاميابي لاءِ دعائون پيا ڪريو ، پاڪستان جو وزيراعظم غيرت مند هوندو آهي جيڪو ڀارت ۽ مودي جي اڳيان جهڪي نٿو سگهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.