عمران فاروق قتل ڪيس جا 2 جوابدار اعترافي بيان تان ڦري ويا

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) ڊاڪٽر عمران فاروق قتل ڪيس جا ٻه جوابدار پنهنجي اعترافي بيان تان ڦري ويا.

ڊاڪٽر عمران فاروق قتل ڪيس ۾ مجسٽريٽ جي روبرو ڏوهه جو اعتراف ڪندڙ 2 جوابدار پنهنجي بيان تان ڦري ويا، جوابدار خالد شميم الزام هڻندي چيو  ته بيان ريڪارڊ ڪرڻ کان اڳ خوف واري ماحول ۾ رکيو ويو ۽ مجسٽريٽ جي روبرو بيان قلمبند ڪرائڻ کان اڳ تشدد جو نشانو بڻايو ويو جڏهن ته مجسٽريٽ منهنجي مرضي خلاف جاچ آفيسرجي هدايت تي بيان ريڪارڊ ڪيو.

عمران فاروق قتل ڪيس جو ٻيو جوابدار علي محسن علي به پنهنجي اعترافي بيان تان ڦري ويو آهي،  جوابدارن محسن چيو ته مون مجسٽريٽ کي ڪو به اعترافي بيان ناهي ڏنو، ذهني ۽ جسماني تشدد جو نشانو بڻائڻ باوجود اعترافي بيان ڏيڻ کان انڪار ڪيو،  مجسٽريٽ کي ذهني ۽ جسماني تشدد بابت شڪايت ڪئي، اڳواٽ تيار اعترافي بيان تي مجسٽريٽ صحيح ڪئي ۽ مهر هنئي.

جوابدارن جي وڪيلن دهشتگردي جي انت واري عدالت ۾ قلم 342 وارا بيان جمع ڪرائي ڇڏيا آهن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.