مصر ۾ ريفرنڊم، السيسي 2030ع تائين مصر جو صدر رهندو

قاهرا (ويب ڊيسڪ) مصر ۾ ريفرنڊم ۾ ڪاميابي کان پوءِ موجودا سربراهه عبدالفتح السيسي 2030 تائين صدار رهندو.

پرڏيهي ميڊيا رپورٽن موجب آئيني ترميم لاءِ گذريل ٽن ڏينهن کان جاري ريفرنڊم جي نتيجن جو اعلان مصر جي ڪنٽرول بورڊ ڪيو. نيشنل اليڪشن اٿارٽي جي سربراهه لاسن ابراهيم چيو آهي ته عوام واضح رڪثيريت سان آئيني تبديليءَ کي منظور ڪيو آهي جن مان 88.83 سيڪڙو ماڻهن “ها” جڏهن ته 11.17 سيڪڙو ماڻهن “نه” تي ووٽ ڏنا. لاسن ابراهيم چيو ته اهو ريفرنڊم آزادي جي طاقتور ۾ ٿيو. هوڏانهن انساني حقن جي تنظيمن ريفرنڊم تي لڳايل شرطن ۽ انهن جي مخالفت ڪندڙن کي دٻاءَ ۾ رکڻ سبب انهن کي سخت تنقيد جو نشانو بڻايو.

واضح رهي ته گذريل هفتي پارليامنٽ السيسي جي حق ۾ ڪيل آئيني تبديلي جي حق ۾ ووٽ ڏنا هئا. مصر جي آئين ۾ 20 ترميمون ڪيون وينديون جن ۾  64 سالن جي السيسي جي اقتدار کي نه رڳو وڌائڻ پر سندس کي ٽيون ڀيرو اقتدار ڏيڻ شامل آهي.

 هڪ ترميم جي مدد سان السيسي جو اقتدار 6 سالن  جي عرصو جو ٿي ويندو ۽ ائين موجوده اقتدار جو دور 2024ع ۾ ختم ٿي ويندو جڏهن ته هڪ ٻئي ترميم جي مدد ساسن السيسي کي 2030ع تائين صدر رهڻ جو اختيار حاصل ٿيندو.

ان کان اڳ مصر جي آئين ۾ صدارتي مدو 4 سالن جو هيو جنهن تحت عبدالفتح السيسي جي اقتدار جو مدو 2022ع تائين ختم ٿيڻو هيو. عبدالفتح السيسي گذريل سال ريفرندم ذريعي ئي 2022ع تائين ٻيو ڀيرو ملڪ مان صدر چونڊجي ويو هو.

 واضح رهي ته فوجي بغاوت ذريعي چونڊيل صدر محمد مرسي جي اقتدر جي خاتمي کان پوءِ 2014ع ۾ عبدالفتح السيسي پهريون ڀيرو مصر جو صدر بڻيو هو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.