رپورٽ:ڀان سيد آباد: سنڌ قلندر جهڙن صوفي بزرگن جي دعا سان آباد آهي: عمران اسماعيل

سنڌ جي گورنر عمران اسماعيل چيو آهي ته لال شهباز قلندر جي نگري ۾ اچڻ خوش نصيبي آهي ۽ سنڌ لال شهباز قلندر جهڙن صوفي بزرگن جي دعا سان آباد آهي.

هن چيو ته سندس اها پراڻي خواهش هئي ته هو لال شهباز قلندر جي مزار تي حاضري ڀري ۽ اڄ الله تعاليٰ اهو موقعو فراهم ڪيو آهي.

گورنر عمران اسماعيل اڄ حضرت لال شهباز قلندر رحمت الله عليه جي 767 هين عرس مبارڪ جو مزار تي چادر چاڙهي ٽن ڏينهن واري تقريبن جو افتتاح ڪصيو.

ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو تھ   عرس مبارڪ ۾ دير سان پهچڻ جو ڪارڻ ٽريفڪ هو ڇاڪاڻ ته مون وٽ ڪو جيٽ جهاز يا هيلي ڪاپٽر نه آهي.

هن چيو ته لال شهباز قلندر جي عرس مبارڪ تي ملڪ جي ڪنڊ ڪڙڇ مان پانڌيئڙن جي آمد جو سلسلو جاري آهي ۽ هڪ اندازي مطابق 25 کان 30 لک عقيدتمند هن ميلي ۾ شرڪت ڪندا.

هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته سنڌ حڪومت ڪنهن به معاشي بحران جو شڪار نه آهي ۽ وفاق پاران اين ايف سي ايوارڊ تحت سنڌ کي سنڌ جو حصو ملي رهيو آهي تنهن هوندي به جيڪڏهن ڪو اهڙو معاشي مسئلو درپيش آيو ته آئون ذاتي طور تي وزيراعظم پاڪستان سان ملاقات ڪري ان مسئلي کي حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪندس. هن چيو ته عمران خان هينئر مضبوط پوزيشن ۾ آهي ۽ هو ملڪ جي لاءِ اهو ڪم ڪري رهيو آهي جيڪو ماضي جي حڪمرانن نه ڪيو ۽ وڏي عرصي کان ملڪ کي اهڙي اڳواڻ جي ضرورت هئي.

گورنر سنڌ عمران اسماعيل پاران لال شهباز قلندر جي اڱڻ تي غريب عورتن ۾ ڪپڙا ۽ مٺائي پڻ ورهائي  وئي………..

رپورٽ-آدم مينگل

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.