*موري ۾ ڊي ايس پي مسڪين ڳوٺاڻن کي حڪم جاري ڪيو آهي ته جيڪڏهن هنن زرعي زمين نازو ۽ موجن زرداري کي نه ڏني ته سندن زندگي زهر بڻائي وينددي.
ڳوٺ عالم خان لنڊ جي رهواسين لال محمد لنڊ خير محمد لنڊ ۽ ٻين نيشنل پريس ڪلب مورو ۾ احتجاج ڪندي ڊي ايس پي مورو عبدالله لاکير جي ظلمن جي داستان کولي ڇڏيا
هنن چيو ته سندن ڪچي ۾ 5 ايڪڙ زمين آھي جنهن تي ڪڻڪ جو فصل تيار ٿي ويو آھي لابارو ڪري ٿريشر شروع ڪيو ته ڊي ايس پي مورو عبدالله لاکير گهرائي آفيس ۾ چيو ته پنهنجي زمين تان هٿ کڻي وڃ ۽ پنهنجي زمين نازو زرداري ۽ مجن زرداري جي نالي ڪري ڇڏ
ڳوٺاڻن ٻڌايو ته ڊي ايس پي کين ڌمڪي ڏني ته جيڪڏهن سندس حڪم تي عمل نه ٿيو ته مٿم ڪيس داخل ڪيا ويندا.
ڳوٺاڻي لال محمد روئيندي وڌيڪ چيو ته ڊي ايس پي بااثر ماڻھن جي ونگار وهي رهيو آھي
هن آءِ جي سنڌ ڊي آءِ جي شھيد بينظير آباد ايس ايس پي نوشھروفيروز کان مطالبو ڪيو ته کيس تحفظ ۽ انصاف فراهم ڪيو وڃي…………….