پنج سال پورا ڪنداسين، استعفيٰ نه ڏيندس: گورنر پنجاب

لاهور ( ويب ڊيسڪ ) پنجاب جي گورنر چوڌري سرور چيو آهي ته ڪجهه فيصلا منهنجي مرضي موجب ٿين ها ته پي ٽي آءِ کي پنجاب ۾ ٻه ڀاڱي ٽي جي اڪثريت حاصل هجي ها .

 پنجاب جي گورنر چوڌري سرور لاهور ۾ صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته ڪجهه فيصلا منهنجي مرضي موجب ٿين ها ته پي ٽي آءِ کي پنجاب ۾ ٻه ڀاڱي ٽي جي اڪثريت حاصل هجي ها.

 پنجاب جي گورنر پنجاب جي وڏي وزير سان اختلافن وارين خبرن بابت ڳالهائيندي چيو ته پنجاب جي وڏي وزير ۽ اسپيڪر سان اختلاف واريون خبرون غلط آهن، عثمان بوزدار سان اختلافن وارين خبرن ۾ ڪا صداقت ناهي، پنجاب کي سئو سيڪڙو وڏو وزير هلائي رهيو آهي.

چوڌري سرور چيو ته وفاقي حڪومت ۽ پنجاب حڪومت کي ڪو به خطرو ناهي، تحريڪ انصاف پنهنجا پنج سال پورا ڪندي، صحت ڪارڊ، پنجاهه لک گهر ۽ تعليم تي ڪم هلي رهيو آهي.

هن چيو ته آئون آمريڪا ۽ برطانيا جي دوري تي ويس ته پويان گورنري ڇڏڻ واريون خبرون هليون، مون ڪڏهن به عهدي سان پيار ناهي ڪيو، عهدا مون لاءِ ڪا شيءَ ناهن، ماڻهو سمجهن ٿا ڪاوڙ ڪندو آهيان،  استعفيٰ منهنجي کيسي ۾ هوندي آهي، مان استعفيٰ نه ڏيندس، چار سال محنت ڪري گورنر بڻيو آهيان، هاڻ ميدان ڇڏي ڀڄي نٿوسگهجي.

پنجاب جي گورنر سرور فائونڊيسن کان ڌار ٿيڻ جو اعلان ڪندي چيو ته جيستائين گورنر آهيان سرور فائونڊيشن جي ڪنهن به فنڊ ريزنگ ۾ حصو نه وٺندس.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.