واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ٽوئٽر چيف جيڪ ڊورسي سان ملاقات ڪئي جنهن دوران هن ٽوئٽر تي پنهنجن فالوورز جو انگ گھٽ هجڻ جي شڪايت ڪري ڇڏي.
پرڏيهي ميڊيا رپورٽن موجب اوول آفيس ۾ ٿيل ملاقات دوران ڊونلڊ ٽرمپ ٽوئٽر چيف سان ڳالهه ٻولهه دوران گھڻو وقت رڳو اهو چوندو رهيو ته سندس جي فالوورز جو انگ ڇو گھٽجي رهيو آهي.
ڊولڊ ٽرمپ جي ٽوئٽر چيف سان ان وقت ملاقات ٿي جڏهن هن تازو ئي سوشل ميڊيا ڪمپنين تي چڙهائي ڪندي چيو هو ته ميڊيا ڪمپنيون روشن خيال ماڻهن لاءِ متعصب رويو رکنديون آهن. آمريڪي صدر جيڪ ڊورسي سان ملاقات جي تصوير شيئر ڪئي ۽ چيو ته وائٽ هائوس ۾ ٽوئٽر چيف سان ملاقات دوران سوشل ميڊيا جي دنيا سميت مختلف موضوعن تي ڳالهه ٻولهه ٿي، کليل بحث لاءِ اڳتي ڏسنداسين.
ٽوئٽر چيف آمريڪي صدر جي ٽوئٽ جو جواب ڏيندي چيو ته ٽوئٽر سڀني ماڻهن کي خدمتون پيش ڪرڻ لاءِ موجود آهي، اسان ان کي وڌيڪ صحتمنداڻو ۽ سول بڻائڻ چاهيون ٿا، ان بابت ڳالهه ٻولهه ڪرڻ لاءِ وڏي مهرباني.