سنڌ هاءِ ڪورٽ ٻيلي کاتي جي زمين جي جاچ واري معاملي ۾ نيب جي اسسٽنٽ ڊائريڪٽر کي ڇنڊ پٽيندي چيو ته توهان کان ته هيڊ ڪانسٽيبل به سٺي جاچ ڪري ويندو آهي.
عدالت چيو تھ جهڙي نموني توهان جاچ ڪري رهيا آهيو، توهان جي نوڪري تيل ڪرڻ لاءِ اهو ئي ڪافي آهي.
سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ ٻيلي کاتي 13 سئو ايڪڙ زمين تي وڻ پوکڻ واري معاملي تي ٻڌڻي ٿي، جنهن دوران چيف جسٽس احمد علي شيخ نيب جي اسسٽنٽ ڊائريڪٽر امتياز رڪ کي ڇنڊ پٽيندي چيو ته توهان کان ته پوليس جو هيڊڪانسٽيبل به سٺي جاچ ڪري وٺندو آهي.
چيف جسٽس نيب جي اسسٽنٽ ڊائريڪٽر کان پُڇيو ته جنهن زمين جي معاملي تي جاچ ڪري رهيا آهيو، ڇا اُتي دورو ڪيو اٿئو؟
امتياز رڪ عدالت کي ٻڌايو ته ٻيلي جي زمين جو دورو ڪيو ۽ اسڪرپٽ به ساڻ هو.
چيف جسٽس پُڇيو ته زمين تي ڪيترا وڻ لڳايا ويا ۽ ٻيلي کاتي جو رجسٽر ڪٿي آهي؟ ميمو پيش ڪريو، جنهن تي جاچ جو رڪارڊ درج ٿيل هجي.
عدالت ٻيلي کاتي ۾ وڻ لڳائڻ واري معاملي جي جاچ نيب جي سينيئر آفيسر حوالي ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، جڏهن ته غلام مصطفيٰ سوڌو ٻين جوابدارن خلاف 15 مئي تي اڳڀرائي رپورٽ پڻ طلب ڪئي…………