پرويز الاهي عثمان بوزدار جي حمايت ڪري ڇڏي….

لاهور ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي اتحادي پارٽي  مسلم ليگ ( ق ) جي اڳواڻ ۽ پنجاب اسيمبلي جي اسپيڪر چوڌري پرويز الاهي پنجاب جي وڏي وزير جي حمايت کليل نموني ميدان تي اچي ويو.

لاهور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي ق ليگ اڳواڻ ۽ پنجاب اسيمبلي جي اسپيڪر چوڌري پرويز الاهي چيو ته ڪابينا ۾ تبديلي وزيراعظم يا وڏي وزير جو  استحقاق آهي، وزيراعظم ڪارڪردگي جي بنياد تي جنهن کي به وزير آڻڻ چاهي اهو سندس اختيار آهي.

 سندس چوڻ هو ته اسان جون سڀ ملاقاتون عثمان بوزدار کي مضبوط ڪرڻ لاءِ آهن. اسان جي پارٽي پنجاب جي وڏي وزير سان گڏ آهي.  پنجاب اسيمبلي جي اسپيڪر چيو ته پارٽي جي اندر ۽ ٻاهر اختلاف سياست جو حسن هوندا آهن.

 ڪيترن ئي شين کي نظرانداز ڪري هلڻو پوندو آهي.  پرويز الاهي مسلم ليگ ( ن ) سان رابطن جي ترديد ڪندي چيو ته ( ن ليگ سان ڪو به رابطو ناهي ٿيو ۽ نه ئي چوڌري شجاعت جي ڪنهن سان ملاقات ٿي آهي جڏهن ته مونس الاهي کي ڪنهن سان ملڻ جي ضرورت ناهي، نه اسان جي ملاقات ٿي سگهي ٿي، مونس ۽ حمزا شهباز جي ملاقات واري خبر غلط آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.