ايسٽر ڌماڪن ۾ ملوث ڪير……….؟

ڪولمبو (ويب ڊيسڪ) سريلنڪن پوليس چيو آهي ته ايسٽر جي موقعي تي ٿيل بم ڌماڪن ۾ هڪ عورت سميت 9 آپگھاتي حملو ڪندڙ ملوث هئا. پرڏيهي ميڊيا رپورٽن موجب سريلنڪا جي گاديءَ واري هنڌ ڪولمبو  ۾ سريلنڪن پوليس جي سربراهه ۽ نائب پرڏيهي وزير روان وجي وردني گڏيل پريس ڪانفرنس ڪئي.

 سريلنڪن پوليس چيف ٻڌايو ته ايسٽر جي موقعي تي ڌماڪن جي الزام ۾ 60 ماڻهو گرفتار ڪيا ويا آهن جن مان هڪ شام جو شهري به آهي، جاچ موجب ڌماڪن ۾ ملوث مقامي گروهه جي ليڊر شنگريلا هوٽل ۾ آپگھات ڪئي ۽ هڪ بمبار برطانيا ۽ آسٽريليا مان تعليم حاصل ڪئي هئي.

آچر ڏينهن ايسٽر جي موقعي تي سريڪنڪا جي گرجا گھرن ۽ هوٽلن ۾ 8 بم ڌماڪا ٿيا هئا جن ۾ 359 ماڻهو مارجي ۽ 500 زخمي ٿيا هئا. مارجي ويلن مان 39 پرڏيهي هئا. انتهاپسند تنظيم داعش حملن جي ذميواري قبول ڪري ورتي آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.