ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ناليواري اداڪارا اقرا عزيز معصوم نشوا ۽ عصمت جي بي رحماڻي قتل کي غير سنجيده چوندڙن ۽ ٻن معصوم حياتين جي موت تي بي حسي جو مظاهرو ڪندڙن تي ڏمرجي پئي.
تازو ئي ڪراچي ۾ ٿيندڙ ٻه واقعا جن مان هڪ غلط انجيڪشن لڳڻ سبب معصوم نشوا جو موت ۽ ٻيو واقعو 25 سالن جي عصمت جو آهي جنهن کي ڊاڪٽرن سميت اسپتال جي عملي وهشت جو نشانو بڻائي زهر جي سُئي ڏئي قتل ڪري ڇڏيو، انهن ٻنهي واقعن سموري پاڪستان کي جهنجوڙي ڇڏيو آهي.
اداڪارا اقرا عزيز انهن واقعن تي افسوس ۽ ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو آهي ته خدا نشوا ۽ عصمت جي مغفرت فرمائي ۽ اسان جهڙن جانورن کي انسانيت ڏي. اقرا جي ان ٽوئٽ تي هڪ سوسل ميڊيا واهپيدار اقرا کي مشورو ڏيندي چيو ته اهڙن واقعن کي سنجيدهه نه وٺو. عمير نالي ان شخص جي ٽوئٽ انهن سڀني بي حس ماڻهن جي ترجماني ڪئي آهي جيڪي ملڪ ۾ ٿيندڙ وهشياڻن واقعن تي نه آواز اٿاريندا آهن ۽ نه ئي انهن کي غلط چوندا آهن پر ٻين کي به اهڙن واقعن کي سنجيدهه نه وٺڻ جي صلاح ڏيندا آهن.
پر اقرار ان شخص تي ڇتي تنقيد ڪندي چيو ته اهو چوڻ سولو اهي ته الله بهتر ڪندو يا اهڙن واقعن کي سنجيده نه وٺو پر ڇا توهان ان وقت جو انتظار ڪري رهيا آهيو جڏهن اهو سڀ توهان جي ماءُ، ڀيڻ، زال ۽ ڌيءُ سان ٿئي ۽ جڏهن هو اهڙن حالتن مان گذرن ان وقت توهان اهڙن واقعن کي سنجيده وٺندو.