رپورٽ:ڪشمور: شاھھ لطيف فائونڊيشن ضلعي ڪشمور پاران جشن لطيف پروگرام ڪوٺايو ويو

شاھھ لطيف فائونڊيشن ضلعي ڪشمور پاران جشن لطيف پروگرام ڪوٺايو ويو.

پروگرام  جي صدارت شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي گادي نشين سيد وقار حسين شاھ لطيفي ڪئي جنهن ۾ ماڻهن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.

جشن لطيف پروگرام ۾  اڳواڻي ضلعي صدر خليفي غلام سرور ڀٽي،  جنرل سيڪريٽري بشير احمد چاچڙ، شھباز خان مزاري،  محمد علي سمي، ماجد علي مزاري ۽ ٻين پڻ شرڪت ڪئي.

ان موقعي تي سيد وقار حسين شاھھ خطاب ڪندي چيو ته سنڌ اوليائن ۽ صوفين جي ڌرتي آهي.

هن چيو تھ  اوليائن ۽ صوفين انسانيت سان محبت ڪرڻ ۽ انسانيت جو تحفظ ڪرڻ جو درس ڏنو آهي.

سندس چوڻ هو تھ  حضرت شاھ عبدالطيف ڀٽائي پنھنجي شاعري ۾ سنڌ سان گڏوگڏ پوري عالم لاءِ دعا گهري،  ۽ پنهنجي شاعري ۾ امن، محبت ۽ ڀائيچاري جو درس ڏنو آهي.

سيد وقار حسين شاهه لطيفي چيو تھ اوقاف کاتي ۾ ڪرپشن ٿي رھي آھي، حڪومت کي درگاھن مان ماھوار ڪروڙين رپيا آمدني آهي پر حڪومت درگاھن مان ايندڙ آمدني جو ٽيون حصو به درگاھن تي خرچ نٿي ڪري.

جشن لطيف جي پروگرام ۾ صوفي فنڪارن صوفياڻو راڳ پيش ڪري واهه واهه ڪرائي ڇڏي……………

رپورٽ-دليپ ڪمار ڪيسواڻي

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.