رپورٽ:ڪراچي:پاڪستان کي ڇا سمجهو اٿئو؟ ڪوبه اچي هتي رهي ٿو، سرڪاري وڪيل کي ڇنڊ

ڪراچي ۾ رهندڙ اختر حسين پاڪستاني آهي يا بنگالي؟ معاملو عدالت تائين پهچي ويو.

 سنڌ هاءِ ڪورٽ سرڪاري وڪيل کي ڇنڊ پٽيندي چيو ته توهان ملڪ کي ڇا سمجهيو آهي، ڪوبه ماڻهو هتي اچي رهي پئي ٿو،  ڇا گهرو کاتو نااهل آهي؟

سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ شهري اختر حسين جو سڃاڻپ ڪارڊ بلاڪ ٿيڻ خلاف درخواست تي ٻڌڻي ٿي، جنهن دوران عدالت سرڪاري وڪيل تي ڪاوڙ جو  ظاهر ڪندي ڊي سي ايسٽ ڪراچي ۽ ڪورنگي کان 9 مئي تائين جواب طلب ڪري ورتو آهي.

 عدالت ريمارڪس ڏيندي چيو ته توهان هن ملڪ کي ڇا سمجهيو آهي؟ ڪڏهن ڪو شهري بنگالي ۽ ڪڏهن وري افغاني بڻجي ويندو آهي، اهي ماڻهو ڪٿان اچن ٿا ۽ ڇا گهرو کاتو نااهل آهي؟

 عدالت سرڪاري وڪيل کان پُڇاڻو ڪيو ته اهي ماڻهو ڪٿي رهندا آهن؟ ايترا سال توهان کي خبر ڇو نه پئي؟ توهان پاڪستان کي ڇا سمجهو آهي؟ ڪوبه هتي اچي رهي پئي.

 نادرا جي وڪيل دليل ڏيندي چيو ته ماڻهن کي پڪڙڻ اسان جو ڪم نه آهي.

درخواستگذار اختر حسين جي وڪيل چيو ته منهنجو اصيل پاڪستاني آهي، هو پاڪستاني پاسپورٽ ذريعي 2 ڀيرا سعودي عرب به وڃي چڪو آهي، 1965ع وارو نڪاح نامو غيرموثر ٿي ويو ۽ نادرا اُنهي نڪاح نامي کي جواز بڻائي منهنجي اصيل جو سڃاڻپ ڪارڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو آهي…………

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.