فيصل آباد ۾ پوليس ڪارروائي، فحش ويڊيوز ٺاهيندڙ گروهه گرفتار

فيصل آباد ( ويب ڊيسڪ ) پنجاب جي شهر  فيصل آباد جي علائقي مدينه ٽائون ۾ ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين کي نشي ۾ مبتلا ڪري سندن فحش وڊيو ٺاهيندڙ 3 جوابدار گرفتار ڪيو ويو آهي .

رپورٽ موجب نوجوانن کي فحش وڊيو ۽ نشي جو عادي بنائڻ واري نيٽ ورڪ جي چنبي مان هڪ 15 ورهين جو نوجوان ڀڄي پوليس وٽ پهتو آهي جنهن پوليس کي ٻڌايو ته بلال نالي جوابدار منشيات  وڪرو ڪندڙن جي هڪ نيٽ ورڪ سان گڏ آئس نشي  کي وڪڻڻ ۾ ملوث آهي.

 پوليس نوجوان جي اطلاع تي ڪارروائي ڪندي گروهه جي ٽن جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو آهي.ايس ايس پي آپريشن اسماعيل الرحمان موجب آئس وڪرو ڪرڻ جي الزام هيٺ نيٽ ورڪ جي ٽن جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو آهي.

اسماعيل الرحمان وڌيڪ چيو ته پورن وڊيو جي حوالي سان هڪ ٻارڙو اسان وٽ آيو  هو جنهن جي اطلاع تي سموري نيٽ ورڪ کي گرفتار ڪري ورتو آهي جڏهن ته وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.