ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ سنڌ اسيمبلي اسپيڪر آغا سراج دراني خلاف نيب کي چئن هفتن ۾ جاچ مڪمل ڪري جي هدايت ڪري ڇڏي.
چيف جسٽس سنڌ هاءِ ڪورٽ جسٽس احمد علي ايم شيخ جي سبراهي ۾ آغا سراج دراني جي گرفتاري کي غيرقانوني قرار ڏيڻ ۽ ضمانت بابت درخواست جي ٻڌڻي ٿي جنهن دوران عدالت جاچ آفيسر کان پڇاڻو ڪيو ته جاچ ڪٿي پهتي آهي ؟
نيب جي جاچ آفيسر عدالت کي ٻڌايو ته آغا سراج دراني جو رمانڊ مڪمل ٿي چڪو آهي ۽ پهرين درجي جي جاچ مڪمل ٿي چڪي آهي جڏهن ته وڌيڪ جاچ هلي رهي آهي.
عدالت نيب ڊائريڪٽري کي مخاطب ڪندي چيو ته ڊائريٽڪر صاحب، 29 مئي تائين جاچ مڪمل ڪريو ۽ گڏيل جواب جمع ڪرايو.
ٻڌڻي دوران عدالت پڇاڻو ڪيو ته آغا سراج دراني جي کاتي ۾ ڪيتريون غيرقانوني گاڏيون اچي رهيو آهن جنهن تي نيب جي جاچ آفيسر ٻڌايو ته 25 گاڏيون غيرقانون طريقي سان خريد ڪيون ويون.
چيف جسٽس سنڌ هاءِ ڪورٽ پڇاڻو ڪيو ته اوهان ٻڌايو ته ڪيستائين نيب ريفرنس داخل ڪندئو جنهن تي نيب جي جاچ آفيسر چيو ته چئن هفتن جي مهلت ڏني وڃي، عدالت چيو ته جيڪڏهن چئن هفتن ۾ جاچ مڪمل نه ٿي ته پوءِ موجود ثبوتن تي فيصلو ٻڌائينداسين.
ان موقعي تي آغا سراج دراني جي وڪيل دليل ڏيندي چيو ته منهنجو اصيل جيل ۾ آهي، ضمانت جي درخواست ٻڌي وڃي جنهن تي عدالت آبزرويشن ڏني ته هتي صدين کان ماڻهو جيلن ۾ پيا هوندا آهن.
آغا سراج دراني پاران موقت اختيار ڪيو ويو ته منهنجي گرفتاري جو طريقيڪار قانون جي ابتڙ هو ۽ سياسي انتقام وٺڻ لاءِ گرفتار ڪيو ويو جڏهن ته گهر تي ڇاپي دوران عورتن سان بدتميزي پڻ ڪئي وئي.
درخواستگذار جو وڌيڪ چوڻ هو ته نيب هنيئر تائين مون خلاف پڪا ثبوت پيش نه ڪري سگهيو آهي، منهنجي گرفتاري جو طريقيڪار کي غيرقانوني قرار ڏنو وڃي ۽ جاچ کي ختم ۽ ضمانت تي آزاد ڪيو وڃي.
عدالت ڌرين جا دليل ٻڌڻ کانپوءِ نيب کي چئن هفتن ۾ جاچ مڪمل ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي.