سعودي انجينيئرن ڊرون لاءِ ماچيس جي دٻي جيترو ريڊار تيار ڪري ورتو

رياض (ويب ڊيسڪ) سموري دنيا ۾ ڊرون جو غير معمولي استعمال وڌي رهيو آهي جنهن کان پوءِ هاڻي ڊرون جي رهنمائي لاءِ ماچيس جي دٻيءَ جيترو ريڊار تيار ڪيو ويو آهي جيڪو رات جي وقت ان جي رهنمائي ڪري سگھندو. دلچسپ ڳالهه اها آهي ته اهو اوزار نابين ماڻهن کي به رستو ڏيکارڻ ۽ رڪاٽون پار ڪرائڻ ۾ مدد فراهم ڪندو. اهو هڪ گھٽ خرچ اوزار آهي جنهن جو وزن رڳو 150 گرام ۽ 55 وولٽ جي بيٽري سان هلندو آهي. جيڪڏهن نظر کان محروم شخص جي لٺ تي لڳايو وڃي ته اهو 12 کان 20 ميٽرن جي مفاصلي تي موجود ڪنهن رڪاوٽ يا خطري کان آگاهه ڪري سگهندو. ان کان علاوه اهو ڪنهن به رنڊڪ يا شيءِ جي ننڍَ وڏائي به ظاهر ڪندو آهي. ان اهم ريڊار کي ڪنگ  عبدالعزيز يونيورسٽي آف سائنس اينڊ ٽيڪنالوجي (ڪي اي يو ايس ٽي) جي انجينيئر سيف الله جردڪ ۽ سندس ساٿين تيار ڪيو آهي. هنن جو چوڻ آهي ته موجوده ريڊار ڳرا ۽ وڏا آهن جڏهن ته اهي ڊگھين ريڊيائي لهرن کي استعمال ڪندي اهم تفصيلن کي ظاهر ئي ناهن ڪري سگھندا. ان ڪري اهو گھٽ بجلي استعمال ڪندڙ ننڍو ريڊار ٺاهيو ويو آهي. ننڍا ريڊار تيار ڪرڻ ۾ وي ٽي ٽي ٽيڪنيڪل ريسرچ فن لينڊ جي ماهرن به پنهنجو اهم ڪردار ادا ڪيو آهي. ريڊار هڪ سيڪنڊ ۾ 8 ڀيرا سگنل موڪليندو آهي جنهن جو مطلب آهي ته اهو هڪ سيڪنڊ ۾ 8 ڀيرا سامهون واري ماحول جي سڄاڻپ ڪندو آهي.  ريڊار فريڪوئنسي ماڊيولينٽڊ ڪنٽي نيوس ويو (ايف ايم سي ڊبليو) طرز جو اوزار آهي جيڪو لاڳيتو مختلف فريڪوئينسين کي ريڊيائي لهرون موڪليندو رهندو آهي جنهن سان پس منظر ۾ معمولي تبديلين کي به نوٽ ڪري سگھجي ٿو. ماهرن جڏهن ان جي آزمائش ڪئي ته حيرت ڪندڙ نتيجا برآمد ٿيا. ريڊار ۾ ٻه مائڪرو اينٽينا لڳايا ويا آهن. پر ايترو طاقتور ناهي جو ان کي فوجي مقصدن لاءِ استعمال ڪري سگھجي. ان کي نابين ماڻهن کان علاوه روبوٽن ۾ به استعمال ڪري سگھجي ٿو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.