اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) اڳوڻي ناڻي واري وزير اسحاق ڊار خلاف آمدني کان وڌيڪ ملڪيت واري ريفرنس تي ٻڌڻي اٺ مئي تائين ملتوي ٿي وئي.
اسلام آباد جي احتساب عدالت ۾ اسحاق ڊار خلاف آمدني کان وڌيڪ ملڪيت واري ريفرنس تي ٻڌڻي ٿي، ٻڌڻي دوران عدالت ۾ پاناما جي آءِ ٽي جي سربراهه واجد ضياءَ چيو ته جي آءِ ٽي سب سڀني جا بيان ريڪارڊ ڪيا، نيشنل بئنڪ جي صدر سعيد احمد جو بيان به ريڪارڊ ڪيو ويو.
واجد ضياءَ چيو ته نيب، ايف بي آر سميت ٻين ادارن مان ريڪارڊ جمع ڪيو ويو، سعيد احمد پنهنجي نالي تي مختلف بئنڪن ۾ اڪائونٽ هئڻ جي ترديد ڪئي.
جي آءِ ٽي سربراهه چيو ته سعيد احمد پرڏيهي بئنڪ ۾ اڪائونٽ جو اعتراف ڪيو، بئنڪ اڪائونٽ اسحاق ڊار جي هدايت تي کوليو ويو، بئنڪ اڪائونٽ جو مقصد قرض حاصل ڪرڻ ۽ ڪاروبار کي سهولت ڏيڻ هو.
هن چيو ته جي آءِ ٽي اسحاق ڊار جو بيان ريڪارڊ ڪيو، جاچ دوران خبر پئي ته 1992ع کان 2008ع تائين اسحاق ڊار جي اثاثن ۾ 91 سيڪڙو واڌ ٿي.
واجد ضياءَ چيو ته اسحاق ڊار پنهنجي بيان ۾ ملڪيت ۾ واڌ بابت وضاحت نه ڏئي سگهيو، سعيد احمد جي آءِ ٽي اڳيان اڪائونٽن بابت انڪار ناهي ڪيو.
جي آءِ ٽي سربراهه واجد ضياءَ ٻڌايو ته پئسن جي بچاءَ لاءِ هجويري مضاربه نالي به اڪائونٽ کوليا ويا، اسحاق ڊار جي چوڻ تي سعيد احمد جوابدار محمد نعيم کي چيڪ بڪ ڏنا.
احتساب عدالت اڳوڻي ناڻي واري وزير اسحاق ڊار خلاف آمدني کان وڌيڪ ملڪيت واري ريفرنس جي وڌيڪ ٻڌڻي اٺ مئي تائين ملتوي ڪري ڇڏي.